
جُھڪر جو دڙو
جُھڪر جو دڙو: جهڪر جو دڙو لاڙڪاڻي شھر جي اولھہ ۾ ڇھن ميلن جي پنڌ تي ۽ موهن جي دڙي کان اتر - اولھہ ۾ 17 ميلن جي مفاصلي تي انڊس هاءِ. وي تي واقع آهي. هي دڙو ڳوٺ مٺي ديري جي ڀڪ ۾ لاڙڪاڻي دوداھہ ريلوي لائين تي ٻِيڙي چانڊيي اسٽيشن کان ڏيڍ ميل پري 68° 07′ ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 27° 34′ ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. دڙي جي ڪل ايراضي 1300x850 فوٽ آهي. هي ماڳ ٻن دڙن تي
مشتمل آهي. دڙو ”الف“ ۽ دڙو ”ب“. ٻنهي دڙن جي وچ ۾ 300 فوٽن جي وٿي آهي. ”ب“ دڙو ڪنهن حد تائين گول آهي، جڏهن تہ دڙو ”الف“ ڪجهہ ننڍو ۽ اوچائيءَ ۾ 17 فوٽ کن ٿيندو. هن ماڳ جي مشھور آرڪيالاجسٽ اين. جي. مجمدار 1928ع ۾ کوٽائي ڪئي هئي. هي دڙو ان کان اڳ 1918ع ڌاري آر. ڊي بينرجيءَ بہ ڏٺو هو. جنهن راءِ ڏني هئي تہ هي ٻُڌ اسٽوپا جا نشان آهن. مجمدار، دڙي الف ۽ ب جي پيڙھہ وٽ کوٽائي ڪرائي هئي. کوٽائيءَ کان اڳ کيس پڪ هئي تہ هتان ضرور ڪنهن تاريخي دور جو سلسلو جڙندو. کيس الف دڙي جي مٿاڇري تان تير جي اُڻي ملي هئي، جنهن کي ’ڏڦي جو ڦر‘ چئي سگهجي ٿو، جيڪو موهن جي دڙي مان مليل ڦر جهڙو هو. کوٽائيءَ کانپوءِ مجبدار کي ٻي اهڙي ڪا خاص شيءِ هٿ نہ آئي، پر کيس دڙي الف جي چوٽيءَ وٽان ڪچين سرن جي ڀتين جا نشان ڪافي ايراضيءَ ۾ پکڙيل مليا. اهي 50 کن ڪمرا هئا. جن کي صاف ڪيو ويو. انهن ڪمرن مان کيس ٺڪر جا ٿانو، ٽامي جا سڪا، لکت واريون مُهرون ۽ ڪجهہ ٻيون شيون مليون. ڪمرن جا فرش ڪچا بہ هئا تہ پڪين سرن سان بہ ٻڌل هئا. اتان ڪمرن جي سنوت کان ڪجهہ هيٺ هڪ کوھہ بہ مليو، جيڪو پڪين سرن سان ٻڌل هو. کوھہ جي تري ۾ 17 فوٽ هيٺ تائين کوٽائي ڪرائي وئي، جتان ڪافي ٺڪراٺو هٿ آيو. دڙي ’ب‘ تي ٽي کاما کوٽيا ويا، جيڪي 105x10 فوٽ ۽ 145x12 فوٽن جي ماپ جا هئا. هنن ٽنهي کڏن کوٽڻ سان دڙي جا مختلف ٽي تھہ هڪٻئي جي مٿان ظاهر ٿيا. هر هڪ تھہ مان ڪي وٿون مليون. دڙي ’الف‘ جي چوٽيءَ مان بہ جنهن پوئين دور سان واسطو رکيو ٿي، اهي ساڳيون شيون لڌيون، جيڪي دڙي ’ب ‘جي مٿئين تھہ مان لڌيون هيون. دڙي الف کي 12 فوٽ اونهو کوٽيو ويو. هتان جيڪي رهائشي جاين جا فرش مليا، اهي ڪجهہ ڪچين سرن جا تہ ڪجهہ پڪين سرن جا هئا. جايون پڪين
سرن جون بہ ٺهيل هيون. سرن جي ماپ موهن جي دڙي جي سرن جيتري آهي. دڙي جي چوٽيءَ کان تھہ جي اونهائي 12 کان 18 فوٽ هئي. درياهي سنوت کان بہ هيٺ مٿئين دور سان لاڳاپيل ڪي ڀتيون ظاهر ٿيون. انهن جي مٿي کان هيٺ تائين اونهائي 20 کان 23 فوٽ هئي. سرن جي ماپ ساڳي موهن جي دڙي جي سرن واري هئي. مجمدار کي يقين ٿي ويو تہ هي دڙو ڪنجهي جي دور جو همعصر آهي ۽ موهن جي دڙي جهڙي تھذيب رکي ٿو. ڪنجهي جي دور سان همعصر جهڪر جي ٻن دورن وارا تھہ، مختلف ٺڪرن جي ٿانون جي ڪري سڃاپجي سگهجن ٿا. هنن چٽيل ٿانون جي ڳاڙهي تر تي ڪاري رنگ سان چٽ نڪتل آهن، چٽساليءَ جي نمونن ۾ چوڪنڊن گهَريُن ۾ گول نشان، جن کي ڳاڙهي، ڳوڙهي ڳاڙهي يا گلابي رنگ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ليڪون لهريدار آهن. هتان ٿانون جو ٻيو نمونو بہ مليو آهي. جنهن کي پوئين دور جي تھہ وارين شين سان گڏ لڌو ويو آهي، سي اڪثر ٻسا ۽ سادا آهن. مٿن ڳچيءَ وٽ چُگهہ نڪتل آهن. اهي ٿانو موهن جي دڙي مان لڌل ٿانون کان ڪي قدر مختلف آهن. هن هنڌان لڌل ٿانون تي رسيءَ وَر (Roping) جا نشان آهن.
دڙي ’الف‘ ۾ گهرُو استعمال جي ٿانون کانسواءِ ٻن تھن جي کوٽائيءَ مان ڪيتريون ئي ٻيون شيون هٿ آيون، جن ۾ ڪونڀٽ ڏاند، ٻڪري ۽ سوئر جون مورتيون شامل هيون. رانديڪن ۾ بيل گاڏيءَ جي ٺڪر جا ڦيٿا، پکيءَ جهڙي گاڏي، چوڙيون، پکيءَ جي شڪل واريون سيٽيون ۽ ننڍڙا اڇي تراکڙي نموني جا مڻيا، اڇي پٿر جا لسا مڻيا، سائي رنگ جا بلور جي نليءَ جھڙا مڻيا، سنگ يسپ ۽ لاجورد جا ٻہ- نلڪيءَ نماُ مڻيا، پاساڙا ۽ مگريون (Core)، تير جي اڻي، ڏڦي جو ڦر ۽ چاڪ- پٿر مان جوڙيل چوڪنڊي مهر، جنهن تي هڪ سڱي ڍڳي جي تصوير کان سواءِ موهين جي دڙي واري لکيل هڪ سٽ بہ ملي آهي. مجمدار اتان لڌل شين/ وٿن جي فهرست “Exploration in Sindh” ڪتاب ۾ ڏني آهي.
ان کان پوءِ ڊاڪٽر رفيق احمد مغل جي سربراهيءَ ۾ نومبر 1973ع کان فيبروري 1974ع تائين هن ماڳ جي کوٽائي ڪئي وئي. سندس نگرانيءَ ۾ ٻنهي ’الف‘ ۽ ’ب‘ دڙن تي 140x2 فوٽ ۽ 180x20 فوٽ جون کڏون کوٽايون ويون. پر هو هيٺينءَ سطح تي پهچي نہ سگهيو، جو اتان سم جو پاڻي نڪري آيو. سندس رپورٽ موجب ٻنهي دڙن تي ستين صدي عيسويءَ کان پوءِ ڪافي والار ٿي هئي. جنهنڪري دڙن جي سطح مٿي ٿي وئي آهي. ننڍي ’الف‘ دڙي جي کامي مان کيس چار تھہ مليا، جن مان ٽي تھہ هڪ ٻئي مٿان تاريخ کان اڳ جي دور (Prehistoric Period) جا آهن. جڏهن تہ مٿيون ۽ چوٿون تھہ تاريخي دور (Historical Period) جو تھہ آهي.
اوائلي تاريخي دور (صفا مٿين والار-تھہ 1- کان 10.)
جهڪر جو پويون دور (چار تھہ، 11، 12، 13 ۽ 14.)
جهڪر جو وچون دور (تھہ نمبر 15، 15 الف، 16 ۽ 17.)
جهڪر جو اوائلي دور (تھہ نمبر 17، 19، 20 ۽ اٽڪل 3 فوٽ
پاڻيءَ واري سطح کان هيٺ.)
کيس کوٽائيءَ مان ٺڪر جا 50 کن نمونا مليا. پرکڻ کانپوءِ پتو پيو تہ ٽنهي دورن جو ٺڪراٺو، سنڌو سڀيتا جي ٺڪر واري نموني جو آهي. جنهن کي ”جُھڪر ٺڪر“ سڏي سگهجي ٿو، ان ۾ چانهونءَ جي دڙي جي مٿين تھہ مان مليل يا آمري ۽ مهين جي دڙي جي مٿين تھن مان مليل ٺڪراٺي جو 8% مس ٿيندو. اهو ٺڪر جو نمونو، چٽن ۽ ٻين خصلتن ۾ باقي ٺڪرن کان مختلف ڳڻي سگهجي ٿو. جهڪر ٺڪراٺي تي چٽيل چٽ، ڪاري يا ڳاڙهي رنگ جا آهن. ڪٿي ڪٿي ڳاڙهو يا ڳوڙهو ڳاڙهو (ناسي) رنگ اڇي لِيءَ تي استعمال ٿيل آهي. عام چٽ، اڌ گول جهڙيون ليڪون يا پيچ (Loop)، هيري جي ڪڻين ۽ مڇيءَ جي ڇلر جھڙا لڳن ٿا. ڳاڙهن ٽٻڪن سان گول، ٿلهين ليڪن سان پن، ٿالهين جي ڪنن تي ور وڙڪر يا پيچدار چوڪنڊا، منڌيئڙا ۽ هڪٻئي مٿان انگڙ ونگڙ ليڪون وغيرہ هن قسم جي ٺڪر جي سڃاڻپ آهن. سم واري پاڻيءَ ۾ ’ڪوئيٽا ويٽ ويئر‘ نموني جو ٺڪر ملي ٿو، جيڪو چانهون ۽ مهين جو دڙي مان بہ مليو آهي. شاهديون ٻڌائين ٿيون تہ چانهونءَ جو دڙو، مهين جو دڙو ۽ جهڪر هڪ ئي دور ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. پر جهڪر جو شھر وڌيڪ عرصو زندہ رهيو، جو هتان ستين صدي عيسويءَ جون اوائلي اسلامي وٿون بہ مليون آهن. ڪچيون اڏاوتون، ٻڌن جو وِهار، ٽامي جا سڪا، ننڍڙيون مورتيون ۽ مڻيا هن ماڳ جي عمر بابت ڄاڻ ڏين ٿا.
مشھور انگريز محقق وار وڪ بري (Warwick Bary) پنھنجي ڪتاب Dictionary of Archaoelogy ۾ لکي ٿو تہ: ”جهڪر جو دڙو پٿر جي پوئين دور جي تھذيب آهي. جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب مِٽجڻ بعد سنڌ جي ڪن حصن تي وجود ۾ آئي. جنهن جو بھترين مثال چانهونءَ جو دڙو آهي. جهڪر مان هٿ آيل شين مان، سنڌو تهذيب، بلوچستان ۽ وچ اوڀر جي تھذيب جي جهلڪ ملي ٿي. آخري تھذيب جي نشاني مهرن جي صورت ۾، ٽامي جي سـُيَن ۽ ڪهاڙيءَ جي ڦر جي صورت ۾ ملي آهي. هي ڪلچر ٻي صدي عيسويءَ جي وچ واري حصي تائين هتي زندھہ هو.“