جُھڪر جو دڙو

جُھڪر جو دڙو

جُھڪر جو دڙو

جُھڪر جو دڙو: جهڪر جو دڙو لاڙڪاڻي شهر جي اولهه ۾ ڇهن ميلن جي پنڌ تي ۽ موهن جي دڙي کان اتر - اولهه ۾ 17 ميلن جي مفاصلي تي انڊس هاءِ. وي تي واقع آهي. هي دڙو ڳوٺ مٺي ديري جي ڀڪ ۾ لاڙڪاڻي دوداهه ريلوي لائين تي ٻِيڙي چانڊيي اسٽيشن کان ڏيڍ ميل پري 68° 07′ ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 27° 34′ ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. دڙي جي ڪل ايراضي 1300x850 فوٽ آهي. هي ماڳ ٻن دڙن تي
مشتمل آهي. دڙو ”الف“ ۽ دڙو ”ب“. ٻنهي دڙن جي وچ ۾ 300 فوٽن جي وٿي آهي. ”ب“ دڙو ڪنهن حد تائين گول آهي، جڏهن ته دڙو ”الف“ ڪجهه ننڍو ۽ اوچائيءَ ۾ 17 فوٽ کن ٿيندو. هن ماڳ جي مشهور آرڪيالاجسٽ اين. جي. مجمدار 1928ع ۾ کوٽائي ڪئي هئي. هي دڙو ان کان اڳ 1918ع ڌاري آر. ڊي بينرجيءَ به ڏٺو هو. جنهن راءِ ڏني هئي ته هي ٻُڌ اسٽوپا جا نشان آهن. مجمدار، دڙي الف ۽ ب جي پيڙهه وٽ کوٽائي ڪرائي هئي. کوٽائيءَ کان اڳ کيس پڪ هئي ته هتان ضرور ڪنهن تاريخي دور جو سلسلو جڙندو. کيس الف دڙي جي مٿاڇري تان تير جي اُڻي ملي هئي، جنهن کي ’ڏڦي جو ڦر‘ چئي سگھجي ٿو، جيڪو موهن جي دڙي مان مليل ڦر جھڙو هو. کوٽائيءَ کانپوءِ مجبدار کي ٻي اهڙي ڪا خاص شيءِ هٿ نه آئي، پر کيس دڙي الف جي چوٽيءَ وٽان ڪچين سرن جي ڀتين جا نشان ڪافي ايراضيءَ ۾ پکڙيل مليا. اهي 50 کن ڪمرا هئا. جن کي صاف ڪيو ويو. انهن ڪمرن مان کيس ٺڪر جا ٿانو، ٽامي جا سڪا، لکت واريون مُهرون ۽ ڪجهه ٻيون شيون مليون. ڪمرن جا فرش ڪچا به هئا ته پڪين سرن سان به ٻڌل هئا. اتان ڪمرن جي سنوت کان ڪجهه هيٺ هڪ کوهه به مليو، جيڪو پڪين سرن سان ٻڌل هو. کوهه جي تري ۾ 17 فوٽ هيٺ تائين کوٽائي ڪرائي وئي، جتان ڪافي ٺڪراٺو هٿ آيو. دڙي ’ب‘ تي ٽي کاما کوٽيا ويا، جيڪي 105x10 فوٽ ۽ 145x12 فوٽن جي ماپ جا هئا. هنن ٽنهي کڏن کوٽڻ سان دڙي جا مختلف ٽي تهه هڪٻئي جي مٿان ظاهر ٿيا. هر هڪ تهه مان ڪي وٿون مليون. دڙي ’الف‘ جي چوٽيءَ مان به جنهن پوئين دور سان واسطو رکيو ٿي، اهي ساڳيون شيون لڌيون، جيڪي دڙي ’ب ‘جي مٿئين تهه مان لڌيون هيون. دڙي الف کي 12 فوٽ اونهو کوٽيو ويو. هتان جيڪي رهائشي جاين جا فرش مليا، اهي ڪجهه ڪچين سرن جا ته ڪجهه پڪين سرن جا هئا. جايون پڪين
سرن جون به ٺهيل هيون. سرن جي ماپ موهن جي دڙي جي سرن جيتري آهي. دڙي جي چوٽيءَ کان تهه جي اونهائي 12 کان 18 فوٽ هئي. درياهي سنوت کان به هيٺ مٿئين دور سان لاڳاپيل ڪي ڀتيون ظاهر ٿيون. انهن جي مٿي کان هيٺ تائين اونهائي 20 کان 23 فوٽ هئي. سرن جي ماپ ساڳي موهن جي دڙي جي سرن واري هئي. مجمدار کي يقين ٿي ويو ته هي دڙو ڪنجهي جي دور جو همعصر آهي ۽ موهن جي دڙي جھڙي تهذيب رکي ٿو. ڪنجهي جي دور سان همعصر جھڪر جي ٻن دورن وارا تهه، مختلف ٺڪرن جي ٿانون جي ڪري سڃاپجي سگھجن ٿا. هنن چٽيل ٿانون جي ڳاڙهي تر تي ڪاري رنگ سان چٽ نڪتل آهن، چٽساليءَ جي نمونن ۾ چوڪنڊن گهَريُن ۾ گول نشان، جن کي ڳاڙهي، ڳوڙهي ڳاڙهي يا گلابي رنگ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ليڪون لهريدار آهن. هتان ٿانون جو ٻيو نمونو به مليو آهي. جنهن کي پوئين دور جي تهه وارين شين سان گڏ لڌو ويو آهي، سي اڪثر ٻسا ۽ سادا آهن. مٿن ڳچيءَ وٽ چُگهه نڪتل آهن. اهي ٿانو موهن جي دڙي مان لڌل ٿانون کان ڪي قدر مختلف آهن. هن هنڌان لڌل ٿانون تي رسيءَ وَر (Roping) جا نشان آهن.
دڙي ’الف‘ ۾ گھرُو استعمال جي ٿانون کانسواءِ ٻن تهن جي کوٽائيءَ مان ڪيتريون ئي ٻيون شيون هٿ آيون، جن ۾ ڪونڀٽ ڏاند، ٻڪري ۽ سوئر جون مورتيون شامل هيون. رانديڪن ۾ بيل گاڏيءَ جي ٺڪر جا ڦيٿا، پکيءَ جھڙي گاڏي، چوڙيون، پکيءَ جي شڪل واريون سيٽيون ۽ ننڍڙا اڇي تراکڙي نموني جا مڻيا، اڇي پٿر جا لسا مڻيا، سائي رنگ جا بلور جي نليءَ جهڙا مڻيا، سنگ يسپ ۽ لاجورد جا ٻه- نلڪيءَ نماُ مڻيا، پاساڙا ۽ مگريون (Core)، تير جي اڻي، ڏڦي جو ڦر ۽ چاڪ- پٿر مان جوڙيل چوڪنڊي مهر، جنهن تي هڪ سڱي ڍڳي جي تصوير کان سواءِ موهين جي دڙي واري لکيل هڪ سٽ به ملي آهي. مجمدار اتان لڌل شين/ وٿن جي فهرست “Exploration in Sindh” ڪتاب ۾ ڏني آهي.
ان کان پوءِ ڊاڪٽر رفيق احمد مغل جي سربراهيءَ ۾ نومبر 1973ع کان فيبروري 1974ع تائين هن ماڳ جي کوٽائي ڪئي وئي. سندس نگرانيءَ ۾ ٻنهي ’الف‘ ۽ ’ب‘ دڙن تي 140x2 فوٽ ۽ 180x20 فوٽ جون کڏون کوٽايون ويون. پر هو هيٺينءَ سطح تي پهچي نه سگھيو، جو اتان سم جو پاڻي نڪري آيو. سندس رپورٽ موجب ٻنهي دڙن تي ستين صدي عيسويءَ کان پوءِ ڪافي والار ٿي هئي. جنهنڪري دڙن جي سطح مٿي ٿي وئي آهي. ننڍي ’الف‘ دڙي جي کامي مان کيس چار تهه مليا، جن مان ٽي تهه هڪ ٻئي مٿان تاريخ کان اڳ جي دور (Prehistoric Period) جا آهن. جڏهن ته مٿيون ۽ چوٿون تهه تاريخي دور (Historical Period) جو تهه آهي.
اوائلي تاريخي دور (صفا مٿين والار-تهه 1- کان 10.)
جھڪر جو پويون دور (چار تهه، 11، 12، 13 ۽ 14.)
جهڪر جو وچون دور (تهه نمبر 15، 15 الف، 16 ۽ 17.)
جهڪر جو اوائلي دور (تهه نمبر 17، 19، 20 ۽ اٽڪل 3 فوٽ
پاڻيءَ واري سطح کان هيٺ.)
کيس کوٽائيءَ مان ٺڪر جا 50 کن نمونا مليا. پرکڻ کانپوءِ پتو پيو ته ٽنهي دورن جو ٺڪراٺو، سنڌو سڀيتا جي ٺڪر واري نموني جو آهي. جنهن کي ”جُھڪر ٺڪر“ سڏي سگهجي ٿو، ان ۾ چانهونءَ جي دڙي جي مٿين تهه مان مليل يا آمري ۽ مهين جي دڙي جي مٿين تهن مان مليل ٺڪراٺي جو 8% مس ٿيندو. اهو ٺڪر جو نمونو، چٽن ۽ ٻين خصلتن ۾ باقي ٺڪرن کان مختلف ڳڻي سگھجي ٿو. جھڪر ٺڪراٺي تي چٽيل چٽ، ڪاري يا ڳاڙهي رنگ جا آهن. ڪٿي ڪٿي ڳاڙهو يا ڳوڙهو ڳاڙهو (ناسي) رنگ اڇي لِيءَ تي استعمال ٿيل آهي. عام چٽ، اڌ گول جهڙيون ليڪون يا پيچ (Loop)، هيري جي ڪڻين ۽ مڇيءَ جي ڇلر جهڙا لڳن ٿا. ڳاڙهن ٽٻڪن سان گول، ٿلهين ليڪن سان پن، ٿالهين جي ڪنن تي ور وڙڪر يا پيچدار چوڪنڊا، منڌيئڙا ۽ هڪٻئي مٿان انگڙ ونگڙ ليڪون وغيره هن قسم جي ٺڪر جي سڃاڻپ آهن. سم واري پاڻيءَ ۾ ’ڪوئيٽا ويٽ ويئر‘ نموني جو ٺڪر ملي ٿو، جيڪو چانهون ۽ مهين جو دڙي مان به مليو آهي. شاهديون ٻڌائين ٿيون ته چانهونءَ جو دڙو، مهين جو دڙو ۽ جھڪر هڪ ئي دور ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. پر جھڪر جو شهر وڌيڪ عرصو زنده رهيو، جو هتان ستين صدي عيسويءَ جون اوائلي اسلامي وٿون به مليون آهن. ڪچيون اڏاوتون، ٻڌن جو وِهار، ٽامي جا سڪا، ننڍڙيون مورتيون ۽ مڻيا هن ماڳ جي عمر بابت ڄاڻ ڏين ٿا.
مشهور انگريز محقق وار وڪ بري (Warwick Bary) پنهنجي ڪتاب Dictionary of Archaoelogy ۾ لکي ٿو ته: ”جھڪر جو دڙو پٿر جي پوئين دور جي تهذيب آهي. جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب مِٽجڻ بعد سنڌ جي ڪن حصن تي وجود ۾ آئي. جنهن جو بهترين مثال چانهونءَ جو دڙو آهي. جھڪر مان هٿ آيل شين مان، سنڌو تهذيب، بلوچستان ۽ وچ اوڀر جي تهذيب جي جھلڪ ملي ٿي. آخري تهذيب جي نشاني مهرن جي صورت ۾، ٽامي جي سـُيَن ۽ ڪهاڙيءَ جي ڦر جي صورت ۾ ملي آهي. هي ڪلچر ٻي صدي عيسويءَ جي وچ واري حصي تائين هتي زندهه هو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو