جِم جِي. شيفر

جِم جِي. شيفر

جِم جِي شيفر

جِم جِي. شيفر (Jim G. Shaffer): جم جي. شيفر، آثارِ قديمہ ۽ بشريات جي علم (Anthropology) جو ڄاڻو، عام طور ‘J. G. Shaffer’ جي نالي سان مشھور آهي. ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 1965ع ڌاري ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي مان بشريات (Anthro pology) جي علم جي شعبي مان بي. اي ۽ 1967ع ۾ ساڳي يونيورسٽيءَ مان ساڳئي شعبي مان ايم. اي جو امتحان پاس ڪيائين. جڏهن تہ 1972ع ڌاري بشريات جي علم واري شعبي ۾ ئي وسڪنس يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1972ع ۾ Case Western Reserve University ۾ پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪندي پهرين اسسٽنٽ پروفيسر ۽ بعد ۾ 1980ع کان ائسوسيئيٽ پروفيسر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. 1960ع جي شروعات ۾ هن آمريڪا جي ڏکڻ- اولھہ ۾ واقع قديم آثارن تي تحقيق ڪندي بي شمار ماڳن جي کوٽائي ۽ سروي جو ڪم ڪيو. سندس تحقيق جو مرڪز ڏکڻ ايشيا جي آڳاٽي تاريخ ۽ ابتدائي تاريخي تهذيبن، ماڳن، قديم آثارن جي باقيات ۽ تاريخي ورثي ۾ وقت سان گڏ ٿيندڙ تبديلين تي کوجنا ڪرڻ هو. ان ڏس ۾ هن 1960ع کان پوءِ واري دؤر ۾ هندستان، پاڪستان ۽ افغانستان جي مڙني آثارِ قديمہ تي تحقيق ڪئي. هن ايشيا جي وڏي خطي ۾ پٿر واري دؤر (Bronze Ages) کان وٺي لوھہ جي دؤر (Iron Ages) تائين جي ماڳن ۽ قديم آثارن کي ڳولي لھڻ لاءِ کوجنا ڪئي. ان سلسلي ۾ هن سنڌو ماٿري تھذيب سان واسطو رکندڙ الھڏنو سائٽ ۽ هندستان جي رياست هريانا، راجستان ۽ اترين ڪرناٽڪ ۾ موجود قديم ماڳن جي کوٽائي ۽ کوجنا پڻ ڪئي. بلوچستان جي قديم ماڳن تي بہ سندس تمام گهڻي تحقيق ٿيل آهي. هن هند- آريائي ۽ يورپ جي ڪاهن ۽ ان وقت جي حالتن متعلق تڪراري نقطن کي تحقيق جي بنياد تي وضاحت سان بيان ڪيو آهي. پاڻ اسلام آباد يونيورسٽي (هاڻوڪي قائداعظم يونيورسٽي) ۾ علم بشريات شعبي جو پروفيسر ۽ هندستان جي دهلي يونيورسٽي ۾ هند- آمريڪا (Indo-America) جي قديم آثارن بابت سهڪاري رهيو. ان کان علاوہ موجودہ وقت ۾ نئين دهليءَ ۾ قائم آمريڪا جي اداري ‘American Institute of Indian Studies’ ۽ ڪرناٽڪ رياست جي آثارِ قديمہ واري شعبي سان منسلڪ آهي. سندس تحقيق جي ڪمن ۾ مالي سهائتا ڪندڙ ادارن ۾ هائينز آرڪيالاجيڪل فائونڊيشن (Heinz Archaeological Foundation’، ‘American Museum of Natural History)، ‘National Science Foundation’ ۽ Smithsonian Institute شامل آهن. سندس تحقيق ۽ کوٽائيءَ جو مرڪز هندستان جي وچ- ڏکڻ ۾ موجود هڪ قديم ماڳ وتگال آهي. جنهن جو تعلق 3000 ق. م يا ان کان بہ اڳ جي دؤر 1100ع سان رهيو آهي.
هن بنگال جي قديم آثارن تي تحقيق دوران مختلف وقتن
89-1988ع، 1991ع-1990ع، 92- 1991ع ۽ 1993ع ۾ تحقيق جي سرگرمين تي آڌاريل فني رپورٽون آثارِ قديمہ جي وزارت واري کاتي ۾ جمع ڪرايون، جيڪي پوءِ هندستاني سرڪار نئين دهلي مان ۽ ڪرناٽڪ حڪومت ميسور مان ڇپائي پڌريون ڪيون. ان کان سواءِ هن 1974ع ۾ سنڌو ماٿري تھذيب سان واسطو رکندڙ الھڏنو سائٽ ۽ هڙپا ماڳ جي ابتدائي رپورٽ سنڌ جي آثارِ قديمہ واري اداري، ڪراچيءَ ۾، جڏهن تہ ايريزونا ۾ ڪيل تاريخي ماڳن جي کوٽائيءَ متعلق تيار ڪيل رپورٽ ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي علم بشريات واري شعبي ۾ 1965ع ۾ جمع ڪرائي. سندس تصنيفن ۾ بي شمار تحقيقي مقالا (Dissertation)، مونوگراف (Monographs) ۽ ڪتاب شامل آهن، جيڪي مختلف وقتن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هن جا شايع ٿيل ڪتاب هن ريت آهن:
(1)Prehistoric Baluchistan: With Excavation Report On Said Qala Tepe. Delhi: B. R. Publishing Corp. (1978).
(2)Prehistoric Baluchistan: A Systematic Approach: Ph. D. Dissertation, A Department Of Anthropology, Madison: University Of Wisconsin. (1972).
(3)A Honaki Phase Site On The Lower Verde River, Arizona, In Arizona V: 2:29 (Asu). M. A. Thesis, Department Of Anthropology, Tempe: Arizona State University.


هن صفحي کي شيئر ڪريو