جِهِلُ2 (ڏٿ)

جِهِلُ2 (ڏٿ)

جِهِلُ2 (ڏٿ)

جِهِلُ2 (ڏٿ): هن ٻوٽيءَ جو تعلق پالڪ جي خاندان سان آهي، هيءَ عام طور ڪڻڪ سان گڏ اڀرندي آهي، جنهن کي زرعي اصطلاح ۾ گندگاھہ(Weed) چئبو آهي. هي پاڻ هرتو ٻوٽو ٻھراڙيءَ ۾ اڪثر ماڻهو ساڳ رڌي شوق سان کائيندا آهن. هن جي پنن ۾ وٽامن، لحميات، ڪئلشيم، لوھہ، فاسفورس، نشاستو ۽ سڻڀ گڏگڏ ٿين ٿا. عام طور هن ٻوٽيءَ کي گل اچڻ کان اڳ ان جي گؤنچن کي سائي ڀاڄيءَ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. جهل کي مٽرن ڦرين يا چڻن جي ڦوٽن سان گڏ پچائي کائڻ سان هاضمو درست ٿئي ٿو. هي جانورن لاءِ سائي چاري طور پڻ ڪتب آندي وڃي ٿي. جهل ربيع جي موسم ۾ ٿئي ٿي. جهل جو قد ٻن کان ٽي فٽ ٿيندو آهي. جهل جا ٻہ قسم ٿين، جنهن جا پن سنها ۽ ٻج جهلوڙو ٿئي، ۽ ٻي، جنهن جا پن ويڪرا ٿين ٿا.
جهل جي پچڻ بعد ان جي چوٽيءَ مان ٻج ڇڻي وڃي ٿو ۽ ايندڙ ڇھہ ماهيءَ ۾ وري وڏي تعداد ۾ ڦٽي ٿو. جهل سياري جي فصلن ۾ پاڻ ڦٽي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو