
جِپسي عورت
جِپسي (Gypsy ):ايران جي مشھور شاعر فردوسي، شاهنامي ۾ لکيو آهي تہ ايران جي شاھہ بھرام گور، اتر هندستان جي ان وقت جي راجا شنگل کي عرض ڪيو تہ ايران جي قومي جلسي ۾ حصو وٺڻ لاءِ ويھہ هزار ڳائڻا موڪليا وڃن. انهيءَ تي راجا مشھور ڳائڻا ايران موڪلي ڏنا. انهن ڳائڻن جي راڳ ايران جي شاھہ کي اهڙو تہ موهي ڇڏيو، جو کين ايران ۾ رهڻ لاءِ مفت ۾ زمينون، ڍڳا، اناج وغيرہ ڏنائين، پر جيئن تہ ڳائڻا ٻني ٻاري کان اڻ ڄاڻ ۽ خانہ بدوش قبيلن مان هئا، تنهن ڪري اهي مصر ڏانهن هليا ويا، جتان يورپ ۾ پکڙجي ويا. جپسي قوم بابت هڪ ڏند ڪٿا هيءَ بہ آهي تہ اهي هند ۾ رهندا هئا، سڪندر اعظم کين پاڻ سان وٺي ويو، جيڪي ايران ۾ ئي رهيا، پوءِ هڪ هنڌ ٿانيڪا ٿي نہ ويٺا ۽ خانہ بدوش ئي رهيا. جپسي لوڪن ۾ اڄ بہ نہ فقط ڪيتريون رسمون ساڳيون آهن، پر ٻوليءَ جا گهڻا لفظ بہ ساڳيا آهن، اهي ٻوليءَ ۾ جيئن تہ ڇُري، بال (وار) ڪَن، نڪ، ڪارو، راءِ، بڊو(وڏو)، ٿانءُ، ماس، پاني(پاڻي، بڙهو (پوڙهو)، چوري، رات، رتُ، تون، سچو، ساري رات وغيرہ جھڙا لفظ استعمال ڪن ٿا، ان ڪري انهن لفظن مان ظاهر آهي تہ جپسين جو گهڻي قدر لاڳاپو سنڌ سان هو. يورپ جي ڪن حصن ۾ هو پاڻ کي ’زنگلي‘ تہ ڪٿي ’روسي‘ تہ ڪٿي وري ’سنتي‘ سڏائيندا آهن. سنتي لفظ مان ظاهر آهي تہ هو سنڌي آهن. لسانيات جي ماهرن ان لفظ جو رشتو سنڌيءَ سان جوڙيو آهي. مشھور يوناني مورخ ڄاڻايو آهي تہ: ”سنڌي نالي هڪڙي هندي قوم ڪاري سمنڊ جي ويجهو رهندي هئي، اهو زمانو عيسوي سنہ کان ڇھہ سئو ورهيہ اڳ جو آهي“، چمن لال بہ لکيو آهي تہ: ”پنجاب جي هڪ ايراضيءَ ۾ ’چنگر‘ نالي هڪ پٺتي پيل قوم رهندي هئي، جيڪا سنڌوئي جو هڪ جزو آهي، جن جي ٻولي سنڌيءَ سان واسطو رکندڙ آهي. اها ئي قوم ايران جي اندرين ايراضين تائين ڏسجي ٿي.“ جپسي ٻوليءَ ۾ ايراني ۽ آرمينيا جي ٻولين جا اثر بہ آهن، جيڪي ڏيکارين ٿا تہ هو ڪجهہ وقت انهن ايراضين ۾ ضرور رهيا آهن. ايران ۾ جڏهن ساساني حڪمرانن جو راڄ هو، تڏهن ئي هو شايد هند مان لڏي ايران ۾ وڃي رهيا هوندا. هنن پوءِ فرات نديءَ جي ڏاکڻي حصي ۾ ڊاٻو ڪيو ۽ عربن سان گڏجي ملڪن کي فتح ڪرڻ ۾ سندن ساٿ ڏنو، پر عباسي خليفي مامون الرشيد جي موت کان پوءِ هنن ان ملڪ کي ڇڏي ڏنو. آرمينيا مان ٿي هو سيريا (شام) منجهان لنگهي وڃي اتر آفريڪا ۾ پهتا. اتان وري هو ڪجهہ يورپ ڏانهن ڦهلجي ويا. سندن نرالين رسمن جي ڪري ملڪ ۾ مٿن ظلم ڪيو ويندو هو. ڪن هنڌن تي تہ کين ناس ڪرڻ لاءِ قدم بہ کنيا ويا، جيئن ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ خود جرمنيءَ جي حاڪم هٽلر کين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ظلم ستم جي باوجود اهي زندہ سلامت رهيا ۽ پنھنجي وجود کي قائم رکيو اچن.
جپسي ڳائڻ وڄائڻ ۾ ماهر آهن، انهيءَ ڪري هر هنڌ کين مان پئي مليو. روس جي هڪ راڻي ’ڪئٿرائين‘ تہ کين رهڻ لاءِ سرڪاري زمين ڏئي ڇڏي هئي. هن وقت رومانيا، هنگري بلغاريا ۽ چيڪوسلواڪيا ۾ ’جپسي‘ گهڻي تعداد ۾ رهيل آهن. سنڌي قوم لاءِ مشھور آهي تہ هوءَ ڳائڻ وڄائڻ ۾ هوشيار آهي. اٺين صدي عيسويءَ جي هڪ جين آچاريه اديوتن پنھنجي ’ڪوليه مالا ڪٿا‘ ۾ سنڌين لاءِ صاف لکيو آهي تہ اهي ڳائيندڙ ۽ مرڪندڙ ماڻهو آهن، جپسين کي پنھنجي اصل نسل جو پورو پتو ڪونهي، پر گهڻن کي اهو يقين آهي تہ سندن ابا ڏاڏا هند جا ئي رهاڪو هئا، سندن هڪ راجا جو نالو ’زنديلو‘ چيو وڃي ٿو (زندو= سنڌو). جپسي (Gypsy) لفظ مٿن ڪنهن وقت مصر (Egypt) ۾ رهڻ سبب پيو.