
بخاري جڙيل شاهه
جڙيل شاھہ بخاري: سيد جڙيل شاھہ بخاري ولد سيد پيرل شاھہ بخاري، پهرين آگسٽ 1930ع تي سھڪجي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پنج درجا آهي، پنھنجي والد ۽ ڀاءُ سيد علي شاھہ بخاري (ٽئين) جي صحبت ۾ رهڻ ڪري سندس علمي مشاهدو بہ ڳوڙهو آهي. سيد جڙيل شاھہ کي پنھنجي والد بزرگ ۽ ڀاءُ جي اثر هيٺ شاعري ڪرڻ جو شوق ٿيو. هن ڪافي ڪلام چيو آهي. جنهن ۾ بيت ۽ ڪافيون وڌيڪ آهن. ان کان علاوہ هن پنھنجي والد بزرگ سيد پيرل شاھہ بخاري ۽ ڀاءُ سيد علي شاھہ بخاري (ٽئين) جي ڪلام کي ترتيب ڏنو آهي. سيد جڙيل شاھہ رڪ ڳوٺ جي ڀرسان، سهڪجيءَ ۾ پنھنجي وڏڙن جي درگاھہ جو خدمتگار پڻ آهي.
1930.08.01 عيسوي
سيد جڙيل شاهه بخاري ولد سيد پيرل شاهه بخاري، پهرين آگسٽ 1930ع تي سهڪجي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.