جکراڻي عبدالحق

جکراڻي،عبدالحق: عبدالحق ولد رحيم خان جکراڻي، 1902ع ڌاري ڳوٺ رحيم خان جکراڻي، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم جيڪب آباد مان پرائي بعد ۾ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان 1922ع ۾ ايس ٽي سيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. هيءُ هڪ زميندار، بهترين استاد ۽ اديب توڙي شاعر هو. ڳڙهي خيري ۾ هيڊماستريءَ دوران هن اتي مهاجرن کي آباد ڪرايو، جنهن سبب کيس ’قائداعظم‘ تمغو مليو. انگريزن جي ترڪن سان جنگ دوران هيءُ رضاڪار طور ان ۾ شريڪ ٿيو. جنهن تي کيس غازي جو خطاب مليو. سندس خدمتن طور جکراڻين جي شيرواڻين، قلندراڻين، گلواڻين، سارگاڻين، سيواڻين ۽ قمبراڻين جي پڳدار طور سنڌ گزيٽ ۾ اعلان ڪيو ويو. هن سنڌي توڙي بلوچيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. 21 سيپٽمبر 1957ع تي ڳڙهي خيري اسٽيشن تي جيڪب آباد اچڻ وقت کيس قتل ڪيو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.00.00  عيسوي

عبدالحق ولد رحيم خان جکراڻي ، 1902ع ڌاري ڳوٺ رحيم خان جکراڻي ، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو .


1957.09.21  عيسوي

عبدالحق جکراڻي کي 21 سيپٽمبر 1957ع تي ڳڙهي خيري اسٽيشن تي جيڪب آباد اچڻ وقت کيس قتل ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانبهادر خير بخش خان لغاري
پتافي بهاءُ الدين بهائي مولوي
رئيساڻي اسلم خان
ديوان ڄيٺمل
سيد ميرڪ يوسف سبزواري
بلاذري
ثريا سوز ڏيپلائي
سبزل خان
ٽنڊو آغا
رواح بن اسد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون