جکراڻي عبدالحق

جکراڻي،عبدالحق: عبدالحق ولد رحيم خان جکراڻي، 1902ع ڌاري ڳوٺ رحيم خان جکراڻي، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم جيڪب آباد مان پرائي بعد ۾ عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ مان 1922ع ۾ ايس ٽي سيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. هيءُ هڪ زميندار، بھترين استاد ۽ اديب توڙي شاعر هو. ڳڙهي خيري ۾ هيڊماستريءَ دوران هن اتي مهاجرن کي آباد ڪرايو، جنهن سبب کيس ’قائداعظم‘ تمغو مليو. انگريزن جي ترڪن سان جنگ دوران هيءُ رضاڪار طور ان ۾ شريڪ ٿيو. جنهن تي کيس غازي جو خطاب مليو. سندس خدمتن طور جکراڻين جي شيرواڻين، قلندراڻين، گلواڻين، سارگاڻين، سيواڻين ۽ قمبراڻين جي پڳدار طور سنڌ گزيٽ ۾ اعلان ڪيو ويو. هن سنڌي توڙي بلوچيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. 21 سيپٽمبر 1957ع تي ڳڙهي خيري اسٽيشن تي جيڪب آباد اچڻ وقت کيس قتل ڪيو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.00.00  عيسوي

عبدالحق ولد رحيم خان جکراڻي ، 1902ع ڌاري ڳوٺ رحيم خان جکراڻي ، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو .


1957.09.21  عيسوي

عبدالحق جکراڻي کي 21 سيپٽمبر 1957ع تي ڳڙهي خيري اسٽيشن تي جيڪب آباد اچڻ وقت کيس قتل ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آر اي ڪارسن
شعيب اختر
فھميدہ حسين ڊاڪٽر
ٻلديو نندلال ڪالرو
ضياء محي الدين
جيوڻ شاھہ سيد
ستار زنگيجو
علي گوهر خان مھر اول
عمران خان 1
شيدي محمد بخش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون