جکرو جاڙيجو: جاڙيجا سمن جو پاڙو آهي ۽ اهي ڄام جوڻي جي ٻن جاڙن پٽن جو اولاد آهن. جن اڳتي هلي سومرن جي دور کان گهڻو اڳ نائين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جي ڏاکڻي صوبي جي هڪ ڀاڱي ڪڇ ۾ پنھنجي رياست قائم ڪئي هئي. جيڪا 1947ع تائين قائم رهي. اهي جاڙيجا هندو ۽ مسلمان ٻئي مذهب رکندڙ آهن. سمن جي هن پاڙي مان ڪيترا سخي ۽ سورهيه ساماڻا. جن جي ارڏاين، دليرين ۽ رومانس بابت انيڪ لوڪ داستان سنڌ جي تاريخ ۾ درج آهن، جيڪي ايامن کان ڳائبا ٿا اچن.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي بہ هنن کي ڳايو آهي:
جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي ملھہ،
سسي سهاڳ جي، ڪنهن نہ پوي ڪل،
مٽي ان مرسل، اصل هئي ايتري.
جاڙيجن سمن مان ڪيترا جکرا پيدا ٿيا، جن جي جود ۽ سخا جي ثنا سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ موجود آهي. لطيف سائين بہ جکري جي ڪردار کان ايترو تہ متاثر هو، جو هن پنھنجي شاعريءَ ۾ نبي اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم کي جکرو ڪوٺيندي سندس ثنا ۾ بيت چيا آهن:
ڏمري تہ ڏي، پرچي تہ پاٽ ڀري،
جادم جکري کي، ٻئي چڱيون چِتِ ۾
جکرو جاڙيجو سنڌ جي اتهاس جو امر ڪردار آهي، جيڪو هڪ سخي ڄام هو .