جگجيت سنگهه

جگجيت سنگهه

جگجيت سنگهہ

جگجيت سنگهہ (راڳي ):جگجيت سنگهہ 8 جنوري 1941ع تي گنگا نگر، راجسٿان ۾ ڄائو. سندس والد سردار امر سنگهہ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو. سندس ماءُ بچن ڪور سخت مذهبي قسم جي سک عورت هئي. هيءُ ايم. اي پاس آهي. ننڍي هوندي کان ئي راڳ سان ناتو جڙيل هوس. پنڊت چنگل لال شرما کان پهريائين راڳ جي سکيا گنگا نگر ۾ ئي ورتائين. بعد ۾ استاد جمال خان کان خيال، درپد، ۽ ٺمري جي تعليم ڇھن سالن تائين ورتائين. پنھنجي مستقبل جي ڳولا ۾ 1965ع ڌاري بمبئي آيو تہ ان وقت راڳ جي دنيا جا وڏا وڏا نالا پهرين جاءِ والاريو ويٺا هئا. هن جي ڳائڻ جي شروعات شادين مرادين ۾ ڳائڻ ۽ ايڊورٽائيز ڪمپنين کي آواز ڏيڻ سان ٿي. 1970ع ۾ غزل جي دنيا ۾ وڏا نالا، نورجهان، مهدي حسن، ملڪہ پکراج، بيگم اختر، ڪندن لال سهگل، طلعت محمود وغيرہ موجود هئا. انهن جي موجودگيءَ ۾ هن سخت محنت سان ڇھن سالن اندر پنھنجي جڳھہ ٺاهي ورتي. هن کي غزل ڳائڻ ۾ ملڪو حاصل هو ۽ آهي. 1967ع ۾ هن جي چترا سان ملاقات ٿي، جيڪا پڻ گائڪه هئي. 1969ع ۾ ٻنهي شادي ڪئي. ٻنهي جي جوڙي ڳائڻن طور ڏاڍي مشھور ٿي. کين هڪ پٽ وويڪ نالي هو، جيڪو 21 سالن جي ڄمار ۾ هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. چترا ڏک سھي نہ سگهي ۽ ڳائڻ ڇڏي ڏنائين. جگجيت بہ دکي ٿيو، پر هن ان ڏک کي آواز ۾ شامل ڪري ڇڏيو. غزل ڳائيندو آهي تہ اها درد جي لھر سندس آواز مان بکندي آهي.کيس تہ جهوريندي آهي، پر ٻڌندڙ بہ ٻڏي ويندا آهن. هن پوءِ بي انداز غزل ڳايا. بي انداز فلمن جو پلي بيڪ سنگر ٿيو. مرزا غالب هڪ ٽي وي ڊرامو هو، ان جا ڳايل نغما تمام گهڻو مقبول ٿيا، جنهن کيس مٿانهون مقام ڏنو. سون جي تعداد ۾ سندس البم آهن. هندستان توڙي پاڪستان ۾ لکن جي تعداد ۾ سندس ٻڌندڙ موجود آهن. واقعي آواز جي ڪا بہ سرحدڪو نہ آهي. هو ٻہ ڀيرا پاڪستان بہ آيو آهي. 2006ع ۾ زلزلي جي ستايلن جي امداد لاءِ محفلون ڪيون هئائين. 2003ع ۾ هند سرڪار کيس ’پدما ڀوشن‘ جي اعزاز سان نوازيو. پاڻ ڪمبالا هلس بمبئي ۾ رهي ٿو.


لفظ جگجيت سنگهہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.01.08  عيسوي

جگجيت سنگهه 8 جنوري 1941ع تي گنگا نگر، راجسٿان ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تنوير جوڻيجو
مير فتح علي خان ٽالپر
حاجي عبدالستار
ڄام توڳاچي
چاڪر خان راڄڙ
جلم بن شيبان
فتح محمد برفت پروفيسر ڊاڪٽر
حاجي غلام حسين ميمڻ
ثابت بن ضحاڪ
بشير مورياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون