
جگر مرادآبادي
’جگر ‘ مرادآبادي: مشھور اردو شاعر جگر مرادآبادي جو اصل نالو علي سڪندر ولد مولوي نظر علي مرادآبادي هو . ’جگر ‘ سندس تخلص هو . جگر مرادآباديءَ 1880ع ۾ جنم ورتو ، جڏهن تہ محمود علي خان جامعي سندس پيدائش جو سال 1893ع ڄاڻايو آهي . سندس تعلق مذهبي گهراڻي سان هو . سندس ابا ڏاڏا پهرين دهليءَ ۾ رهندا هئا . فرخ سير جي وفات کانپوءِ لڏي مرادآباد ۾ اچي رهيا . هن شروعاتي تعليم اسٽينلي اسڪول لکنؤ مان حاصل ڪئي ، جتي هو نائين جماعت تائين پڙهيو . نائين ڪلاس ۾ ڪيترا دفعا ناپاس ٿيو . بعد ۾ معلم محمد صديق جي رهنمائيءَ ۾ عربيءَ ، فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين . جنهن بعد محمد عاقل نالي شخص جي دڪان تي نوڪري ڪيائين ، جنهن جو عينڪن جو ڪاروبار هو . جگر ٽي شاديون ڪيون . پهرين شادي 1915ع ۾ وحيدن بيگم سان ڪيائين ، جيڪا آگري ۾ رهندي هئي ، جيڪا پيشي جي لحاظ کان ڪوٺي تي ڳائيندڙ عورت هئي . جگر ساڻس ڏاڍي محبت ڪندو هو . ٻن سالن کانپوءِ وحيدن بيگم جو انتقال ٿيو . جگر کي سندس جدائيءَ جو وڏو ڏک ٿيو ۽ گهڻي شراب پيئڻ ڪري سندس حالت خراب ٿيڻ لڳي . انهيءَ زماني ۾ جگر جي ملاقات اردوءَ جي مشھور شاعر اصغر گونڊويءَ سان ٿي ، جنهن کيس پنھنجي ساليءَ نسيم بيگم سان شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو . ان کان پوءِ جگر جي ٻي شادي نسيم بيگم سان ٿي . هن جي ٽين شادي پنھنجي دوست ايغي ’اصغر ‘ جي طلاق شده گهر واريءَ سان ٿي ، جيڪا نسيم بيگم جي وڏي ڀيڻ هئي . جگر مراد آباديءَ تي هڪ وقت اهڙو بہ آيو جو هن شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو ۽ سخت مذهبي انسان بڻجي ويو . هن حج بہ ڪيو ۽ قاضي عبدالغني منگلوريءَ جي هٿ تي بيعت ورتائين .
جگر مرادآبادي ، هندستان جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي ، کيس هندستاني حڪومت ’پدم ڀوشن ‘ جو اوارڊ ڏنو . کيس علي ڳڙھہ مسلم يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ملي . سندس شاعريءَ جو مجموعو ’آتش گل ‘ تمام گهڻو مشھور ٿيو . جنهن تي ساهتيہ اڪيڊميءَ جگر کي روڪ انعام ڏنو . جگر مرادآباديءَ جي استادن ۾ ڪيترا اهم شخص شامل آهن ، جھڙوڪ: ’داغ دهلوي ‘ ، ’رسا رامپوري ‘ ، ’تسليم ‘ وغيرہ . جگر مرادآبادي ان کان سواءِ پاڻ خود معظم جاھہ بيخود ، عارف ، شڪيل بدايوني ، شارق احمد ۽ راز مرادآباديءَ کي پنهنجو استاد تسليم ڪندو هو . جگر مرادآبادي اردو شاعريءَ جي تاريخ ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو . هن کي اردو غزل جو وڏو شاعر مڃيو وڃي ٿو .
جگر مرادآباديءَ 1960ع ڌاري گونڊا ۾ وفات ڪئي .
1880.00.00 عيسوي
جگر مرادآباديءَ 1880ع ۾ جنم ورتو
1960.00.00 عيسوي
جگر مرادآباديءَ 1960ع ڌاري گونڊا ۾ وفات ڪئي .