جگني: ننڍي کنڊ ۾ لوڪ گيتن جي هڪ صنف آهي، جنهن کي سنڌ، پنجاب سميت راجپوتانا، حيدرآباد دکن ۽ پنجاب ۾ پنھنجي پنھنجي ٻولين ۾ جگني ڪري ڳايو ويندو آهي، پر هن جي هيئت ۽ ڌن ۾ هڪجهڙائي هوندي آهي. هن گيت جي پس منظر لاءِ چون ٿا تہ جگني نالي هڪ لاڏائو ڇوڪري ڪنهن سان ڀڄي وئي، پوءِ جنهن جنهن هيءَ ڳالھہ ٻڌي ان هن کي گهٽ وڌ چيو ۽ پنھنجي جذبن جو اظهار جگني ڳائي ڪيو. پنجاب ۾ جگني جو لفظ قومي شجاعت ۽ پيار محبت جي احساسن جو اهڃاڻ آهي .