جڳتياڻي پنجابي: هنن جي نک ’چچڙا‘ آهي. سندن نک ۾ ايندڙ سوٽ حيدرآباد جا لالواڻي ۽ اُتم سنگهہ آڪهين وارا ديوان آهن. هي پنجاب کان سنڌ ۾ آيا هئا، تنهنڪري ’سنڌي پنجابي‘ سڏجن ٿا ۽ پنھنجي وڏي ڏاڏي سيٺ جڳتراءِ جي نالي پٺيان پاڻ کي ’جڳتياڻي‘ ڪوٺائين ٿا. هن آڪھہ مان سيٺ چاندو مل مکيہ هو. جنهن 1835ع ۾ ميرن جي صاحبيءَ ۾ حيدرآباد ۾ جواهرات جو ڌنڌو شروع ڪيو. سنڌ جي ميرن کي هيرا ۽ جواهرات کپندا هئا، تہ سيٺ چاندو مل کين اهي پهچائيندو هو. جنهن ڪري هن آڪھہ وارا ’ميرن جا جواهري‘ سڏجڻ ۾ آيا .