جڳت پتي جوشي

جڳت پتي جوشي

جڳت پتي جوشي

جڳت پتي جوشي: هندستان جي آثارِ قديمہ تي مهارت رکندڙ جي. پي جوشي جو جنم 14 جولاءِ 1932ع تي هندستان جي رياست اترانچل پرديش جي هڪ ننڍڙي علائقي المورا ۾ ٿيو. 1954ع ۾ لکنؤ يونيورسٽي مان (تاريخ) جي شعبي ۾ ‘قديم هندستاني تاريخ ۽ ثقافت’ ۾ ايم. اي جو امتحان پاس ڪيائين. سندس ٿيسز جو عنوان Saira Mythology as Represented on Ancient Terracota Seals & Coins هو. ماسٽرز سان گڏ هن 1953ع (قانون) جي ڊگري لکنؤ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. آثارِ قديمہ جي شعبي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري نئين دهلي ۾ قائم پهرئين آثارِ قديمہ جي اسڪول مان 1961ع ڌاري ورتي. هي اسڪول موجودہ وقت ۾ آثارِ قديمہ جي اعليٰ اداري طور ڪم ڪري رهيو آهي.
هي آثار قديمہ جي حوالي سان مختلف وقتن ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي فائز رهيو. 1987ع کان 1990ع تائين هندستان جي آثارِ قديمہ جي تحقيق واري اداري ASI جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ صلاحڪار مقرر ٿيو. هن شري اي. ڪي شرما جي گڏيل سهڪار سان ضلعي مانسر ۾ فن (Art) جي حوالي سان وڪاٽڪا (Vakataka) نالي سان درسگاھہ جو بنياد وڌو. هن وقت ناگپور ۾ قائم (Aeigis of Bodhisttava Nagarjun Smarak Va Anusandhan, Kendra جي اداري جو صلاحڪار بہ آهي. ان کان علاوه، ويجهڙائيءَ ۾ هن ڪنکال (Kankhal) ۾ ماتري سمرتي عجائب گهر ۽ تحقيقي ادارو قائم ڪيو آهي، جيڪو شري ما آنند مئي عجائب گهر جي روحاني ورثي سان لاڳاپيل آهي. پاڻ ڪجهہ عرصي کان دکن ڪاليج، پوسٽ گريجوئيٽ انسٽيٽيوٽ پونا، ڪروکيتر يونيورسٽي، آباد يونيورسٽي، ايم. ايس يونيورسٽي، وڊودرا ۽ ڳڙهوال يونيورسٽين ۾ آثار قديمہ متعلق جمع ٿيندڙ پي. ايڇ. ڊي ٿيسز جو جائزو ۽ امتحان وٺندڙ (Examiner) طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. 1956ع ڌاري هندستان جي رياست آنڌرا پرديش جي علائقي نگر جو ناڪونڊا (Nagar Junakoda) ۾ قائم آثار قديمہ جي تحقيق واري اداري ۾ شموليت اختيار ڪرڻ کانپوءِ هندستان جي مختلف خطن ۾ 45 سالن تائين آثار قديمہ جي شعبن ۾ ساراھہ جوڳيون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هندستان ۾ جي قديم آثارن ۽ ٻين تحقيقي ادارن جي رٿائن موجب تاريخي ماڳن جي کوجنا، کوٽائي ۽ مليل نوادرات جي سنڀال واري عمل سان منسلڪ رهيو. کيس قديم تاريخي ماڳن جي کوٽائي تي تمام گهڻي مهارت حاصل آهي. بالخصوص هڙپا تھذيب وارن ماڳن جي کوجنا ۽ يادگارن جي سنڀال ۾ سندس ڪردار اهميت جوڳو رهيو آهي. سندس ٻين اهم کوجنائن ۾ اوائلي هڙپائي تهذيب، اوج واري هڙپائي تھذيب ۽ ان کانپوءِ واري هڙپائي تھذيب (Late- Harappan) جا بيشمار ماڳ ۽ آثار گجرات، جمون، پنجاب ۽ هريانا جي علائقن مان ڳولي هٿ ڪرڻ، 1966ع ۾ ڪڇ جي علائقي ۾ کوجنا ڪندي هڙپائي تھذيب جي وڏي ماڳ ‘ڍولاويرا’ کي منظرعام تي آڻڻ جو اعزاز بہ جي. پي جوشيءَ کي حاصل آهي. هن هڙپائي تھذيب تي تحقيق جي سلسلي ۾ جن علائقن ۾ کوٽائي جو ڪم ڪيو، انهن ۾ هن سرڪوٽڙا (Surkotada)، مانڊا (Manda)، ڀڳوانپورا (Bhagwanpura)، ڍاڌري (Dadhri)، ڪٿپالون (Kathpalon) ۽ نگر (Nagar) جون کوٽايون اهم آهن.
ڪڇ ۾ موجود هڙپائي تھذيب جي تاريخي ماڳ سرڪوٽڙا جي کوٽائيءَ دوران گهوڙي جا هڏا مليا، جنهن مان هن تحقيق ڪندي نتيجو ڪڍيو تہ هڙپا تھذيب سان تعلق رکندڙن ماڻهن سنڌ کان سوراشٽر ڏانهن هجرت ڪئي. پاڻ لڳ ڀڳ 1000 ق. م کان 1500 ق. م جي تاريخ کان وٺي پاهڻي دؤر سان واسطو رکندڙ خاڪي چٽيل ٺڪر (Painted Grey Ware) جي کوجنا ۾ سرگرم رهيو. اهو ٺڪر انهن هنڌن تي ڌاتو پاهڻي دؤر ۾ ٺهندو هو. هن پنجاب ۾ سرسوتي ۽ هاڪڙي ندين جي نظام تي هڙپا دور جا بيشمار ماڳ ڳوليا ۽ هن اهو بہ ٻڌايو تہ اهي نديون سنڌو تھذيب جي ماڻهن جي معاشي مضبوطيءَ جو سبب هيون. هن ڪاليبنگن (Kalibangan) مان لڌل Fire Alters ۽ سرسوتي واديءَ ۾ موجود بناولي ۽ لوٿل جي ماڳن متعلق تحقيق ۽ تاريخي وضاحتن جي حوالي سان انهن جو مطالعو ڪندي ويدن جي تھذيب سان لاڳاپو بيان ڪيو آهي.
پاڻ قومي توڙي بين الاقوامي قديم آثارن جي ادارن جي سهڪار سان عالمي سطح تي قديم آثارن جي کوٽاين ۾ حصو وٺي چڪو آهي. هن، جن ماهرن جي گڏيل سهڪار سان تحقيق ڪئي، انهن ۾ ڊڪن ڪاليج جو ڊائريڪٽر ايس. بي. دِيو (S. B. Deo)، فن لينڊ مان سنڌو ماٿري تھذيب جي نامياري اسڪالر پروفيسر آسڪو پرپولا ۽ ڪيمبرج يونيورسٽي جو پروفيسر ايف. آر. آلچن (F. R. Allchin) شامل آهن. هن نہ رڳو هندستان ۾ رهي آثارِ قديمہ تي تحقيق ڪئي، بلڪ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جھڙوڪ: سريلنڪا، پاڪستان، برطانيا، سائريا، آسٽريليا، بحرين، نيپال، جاپان، سنگاپور، فرانس، ڪمبوڊيا، ٿائلينڊ، ويٽنام، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ آثارِ قديمہ جي حوالي سان هندستاني ماهرن جي وفدن جي اڳواڻي بہ ڪئي. ان کان علاوہ اقوامِ متحدہ جي ملڪن جي اداري يونيسڪو پاران قائم ڪيل ڪميٽين (Restitution of Cultural Conservation in Combodia) ۽ (Property and Mohen jo Daro) جو ميمبر ٿي رهيو. 1984ع ۾ صوبائي وزير شري آر. اين. مرڌا (Shri R.N. Mirdha) حڪومت پاران کيس قديم آثارن جي ماهرن واري گروھہ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو. 1992ع ۾ سلرجنگ عجائب گهر، حيدرآباد دکن جي ماهرن جي ڪميٽيءَ جو سربراھہ، 1992ع کان 1994ع تائين ماحول ۽ جهنگلات جي وزير ڊاڪٽر ايس. ورادراجن (Dr.S.Varadarajan) جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ طرفان تاج ٽرپيزيم جي ڪميٽي جو ميمبر، 1994ع ڌاري قومي عجائب گهر، نئين دهلي ۾ فن پارن جي خريد ڪرڻ واري ڪميٽي جو سربراھہ، هندستاني حڪومت پاران آباد ۾ قائم عجائب گهر جي بورڊ جو نامزد ٿيل ميمبر، ڪلڪته عجائب گهر جو ٽرسٽي، بيربل ساهني اداري، لکنؤ ۾ Archaeo-Botany جو ماهر، قومي ورثي جي تحفظ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جو سربراھہ ۽ آثارِ قديمہ جي مکيہ صلاحڪاري بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. سندس ڪيل تحقيق جي حوالي سان بيشمار مقالا مختلف تحقيقي جرنلن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. ان کان سواءِ تحقيقي مواد سان ڪتابن جي هڪ ڊگهي فهرست بہ شايع ٿيل آهي، جيڪا هن ريت آهي:
Pauni Excavation (1960-1970), Nagpur, 1972 (Jointly with Prof. S. B. Deo)
Excavation at Surkotada 1971-72 and Exploration in Kutch, Memoirs of the Archaeological Survey of India 87, (MASI), New Dehli, 1990.
Excavation at Bhagwanpura 1975-76 and other exploration and excavations 1975-81 in Haryana, Jammu and Kashmir and Punjab MASIS9, New Delhi, 1993.
Excavation at Malvan MASI 92, New Delhi, 1995 (with Dr. R R. Allchin)
Corpus of Indus Seals and Inscriptions: Collections in India, MASI, 1996 Helsinki, 1987 (edited with Asko Parpola)
Facets of Indian Civilization: Recent Perspectives (Essays in honour of Prof. B. B. Lal). Nee Delhi, 1997.
Inventory of Monuments and Sites of National Importance (Vol. I Part I), Srinagar Circle, Archaeological Sruvey of India, New Delhi, 1998 (With Krishna Deva).
Excavation at Kalibangan, The Early Harappan Sites (with B. B. Lal).
Inventory of Monuments and Sites of National Importance, Delhi Circle (with Krishna Deva).
Inventory of Monuments and sites of National Importance, Jaipur Circle (with Krishna Deva).
Inventory of Monuments and Sites of National Importance, Vedodara Circle (with Krishna Deva).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.07.14  عيسوي

هندستان جي آثارِ قديمه تي مهارت رکندڙ جي. پي جوشي جو جنم 14 جولاءِ 1932ع تي هندستان جي رياست اترانچل پرديش جي هڪ ننڍڙي علائقي المورا ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊبليو ايڇ مورلينڊ
تيجورام شرما
قائم الدين شاھہ ثاني
دادا ڀائي ڦالڪي
دولھہ دريا خان 1
صوفي لعل بخش ڪانڌڙو
شير شاھہ سوري
استاد جمالو خان
راول شھزادو
مڪيش بارٿاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون