جڳواڻي، سندر مينگهراج ’مجرم ‘:جڳواڻي سندر مينگهراج ’مجرم‘، 5 جنوري 1945ع تي شهر ڀريا سنڌ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي ۽ بي.ايڊ آهي. پاڻ ليکڪ ۽ شاعر آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’نيڻن وهايو نير‘ (1976ع)، ’ڪليون ۽ گل‘ (1978ع) شامل آهن. جڳواڻي آل انڊيا ريڊيي تان شاعري ۽ ڪهاڻيون به پيش ڪندو رهيو آهي. سندس لکڻيون ڀارت ۾ درسي ڪتابن ۾ به شامل ڪيون ويون آهن. پاڻ سجني، ڦلواڙي ۽ گلشن رسالن جو ايڊيٽر به رهيو آهي .
1945.01.05 عيسوي
جڳواڻي سندر مينگهراج ’ مجرم ‘ ، 5 جنوري 1945ع تي شهر ڀريا سنڌ ۾ جنم ورتو .