جهانيان خاندان (ڪتاب)

جهانيان خاندان (ڪتاب)

جھانيان خاندان ڪتاب

جھانيان خاندان (ڪتاب): هي ڪتاب وي. جي مٽائيءَ جي سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊگريءَ لاءِ پيش ٿيل مونوگراف (ٿيسز) تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ’جھانيان خاندان‘ بابت پهرين تحقيقي ٿيسز آهي، جنهن جي متن ۾ سيد نجف علي شاھہ ’ڪمتر‘ درستيون ۽ واڌارا ڪيا آهن. هي ڪتاب سترهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شجرو جھانيان خاندان، اُچ جو احوال، اُچ جا پهريان ٽي بخاري اولياءَ، جھانيان خاندان گجرات ۾، شاهپور جھانيان جا پهريان پنج اولياءَ، سيد ويڌل شاھہ، سيد فتح الدين شاھہ، قطب علي شاھہ ’قطب‘، فقير روشن علي شاھہ ۽ سندس ڪلام، سيد شمس الدين شاھہ ۽ سندس ڪلام، سيد غلام شاھہ ۽ سندس ڪلام، فقير هادي بخش شاھہ ۽ سندس ڪلام، سيد غلام عباس شاھہ ۽ سندس ڪلام، فقير مهدي شاھہ، سيد منظور نقوي ۽ جھانيان خاندان جون ٻيون شاخون شامل آهن. 250 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1972ع ۾، ٻيو ڇاپو 2003ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 150 رپيا آهي. هن ڪتاب کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ يونيورسٽي آف سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو