جهانگير بادشاهه

جهانگير بادشاهه

جھانگير بادشاھہ

جھانگير بادشاھہ (Jahangir): هندستان جو مغل شهنشاھہ نور الدين جهانگير، 17 ربيع الاول 977ھہ / 31 آگسٽ 1569ع تي فتح پور سڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. هن جي ڄمڻ تي سندس پيءُ شهنشاھہ اڪبر خوشيءَ ۾ وڏو جشن ملهائي، غريبن ۾ سامان ورهائي ڪيترن ئي قيدين کي آزاد ڪيو هو. سندس نالو بزرگ حضرت شيخ سليم جي نالي جي عقيدت ۾ شھزادو ’سليم‘ رکيو ويو. جڏهن جھانگير جي عمر چار سال، چار مهينا ۽ چار ڏينهن ٿي تہ عالمن ۽ نجومين جي صلاح مشوري سان کيس پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، مولانا مير ڪلال مروي، جيڪو پنھنجي دؤر جو وڏو عالم هو، جھانگير جو استاد مقرر ڪيو ويو، جڏهن جھانگير جي عمر 15 سال ٿي تہ 993ھہ بمطابق 1585ع ۾ هن جي شادي رياست جي وڏي امير ۽ راجا ڀڳوانداس جي ڌيءَ سان ٿي. 994ھہ بمطابق 1586ع ۾ هن راجا اُڌيسنگهہ جي ڌيءَ سان ٻي شادي ڪئي. راجا اُڌيسنگهہ، راجا مالديو جو فرزند هو، جيڪو جاه، جلال ۽ شان، شوڪت ۾ سڀني راجائن کان مٿانهون هو، هن جي فوج جو تعداد ايترو هو، جو اسي هزار سوار هر وقت تيار رهندا هئا. شهنشاھہ جھانگير مرزا غياث بيگ جي ڌيءَ نورجھان سان بہ پيار جي شادي ڪئي. نورجھان جي سڀني مٽن، مائٽن کي وڏا وڏا عهدا ڏنائين. هن نورجھان جي پيءُ مرزا غياث بيگ کي پڻ وڏي وڪيل جي عهدي تي مقرر ڪيو، نورجھان بيگم جو مٿس ايترو اثر هو، جو خطبي کانسواءِ باقي رياست جو سمورو ڪاروبار ان جي حڪم تي هلندو هو. هن جي نالي جو ڌاڪو هو ۽ فرمانن تي هيءَ تحرير هوندي هئي: ’حڪم علي العاليه نورجھان بيگم بادشاھہ‘ آهستي آهستي شهنشاھہ جھانگير حڪومت جون واڳون نورجھان بيگم جي حوالي ڪري ڇڏيون، جھانگير چوندو هو تہ مون سلطنت نور جھان حوالي ڪري ڇڏي آهي، مون کي رڳو سير شراب ۽ اڌ سير گوشت کانسواءِ ٻي ڪا بہ شيءِ نہ گهرجي. نورجھان ۾ ڪيتريون ئي خوبيون هيون، ڪو بہ ضرورتمند سندس دروازي تان خالي نہ موٽندو هو. جھانگير جي اولاد ۾ ٻہ ڌيئرون بھار بانو بيگم ۽ سلطانہ النساءِ بيگم ۽ پٽن ۾ سلطان خسرو، سلطان خرم، سلطان پرويز، سلطان جهاندار ۽ سلطان شھريار شامل هئا.
جھانگير کي شهنشاھہ اڪبر پنهنجو ولي عھد مقرر ڪيو هو، پر اقتدار ماڻڻ جي بيچينيءَ سبب هن 1599ع ۾ ان وقت بغاوت ڪئي، جڏهن شهنشاھہ اڪبر حيدرآباد دکن ۾ مصروف هو. اڪبر پنھنجي موت جي بستري تي جھانگير جي جاءِ نشينيءَ جي توثيق ڪئي، جھانگير پنھنجي والد جون روايتون برقرار رکندي، ميواڙ جي راجپوت راجواڙي خلاف جنگ ڪئي، جيڪا 1614ع ۾ ڪن شرطن تي ختم ٿي، هن احمد نگر خلاف بہ مهمون جاري رکيون، پنھنجي پيءُ وانگر جھانگير ڪٽر مذهبي نہ هو. ان ڪري ئي هن عيسائين کي مسلمان عالمن سان سر عام مناظري ڪرڻ ۽ ماڻهن کي پيروڪار بنائڻ جي اجازت ڏني هئي.1611ع کان پوءِ جھانگير پنھنجي فارسي زال مھر النساءِ (نورجھان)، سهري اعتماد الدوله مرزا غياث بيگ ۽ سالي آصف خان جي اثر ۾ رهيو، هن شھزادي خرم سان گڏ 1622ع تائين سياست تي ڌاڪو ڄمائي رکيو، جھانگير جي آخري سالن ۾ نورجھان ۽ شھزادي خرم جي وچ ۾ ويڙھہ ٿي، شھزادي خرم 1622ع ۽ 1625ع ۾ سرعام بغاوت ڪئي، 1626ع ۾ ڪجهہ وقت لاءِ جھانگير نورجھان گروپ جي هڪ مخالف مهابت خان جي اثر ۾ بہ آيو. جھانگير هندستان ۾ فارسي ثقافت کي وڌايو. هي فطرت پسند، انساني ڪردار جو ڳوڙهائيءَ سان پتو لڳائيندڙ ۽ فن جو ذوق رکندڙ هو، هن مصوريءَ جي فن جي وڏي سرپرستي ڪئي، جھانگير آڪٽوبر 1627ع تي ڪشمير کان لاهور جو سفر ڪندي وفات ڪئي.


لفظ جھانگير بادشاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1569.08.31  عيسوي

هندستان جو مغل شهنشاهه نور الدين جهانگير، 17 ربيع الاول 977هه / 31 آگسٽ 1569ع تي فتح پور سڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. جهانگير آڪٽوبر 1627ع تي ڪشمير کان لاهور جو سفر ڪندي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقدير خان ڊاڪٽر
آزاد انور ڪانڌڙو
پارس عباسي
سليم مگسي
در محمد عالماڻي
امين جويو
تلسي ناياڻي
عبدالهادي سرهيو ڊاڪٽر
زرياب
سعادت حسن منٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون