
جهانگير بادشاهه جو مقبرو
جھانگير بادشاھہ جو مقبرو: لاهور کان تقريباً ٽي ميل اتر طرف راوي درياھہ جي ڪناري ڀرسان شاهدره ۾ جھانگير جو مقبرو هڪ اهم تاريخي عمارت آهي. جھانگير وصيعت ڪئي هئي تہ کيس نورجھان جي ’باغ دلڪشا‘ ۾ دفن ڪيو وڃي. ان وصيعت مطابق شاھجھان مقبرو ٺهرايو، جيڪو ڏهن سالن ۾ مڪمل ٿيو. هن مقبري جون ٻاهريون ديوارون وڏيون ۽ ويڪريون آهن. وچ ۾ هڪ چبوترو ٺاهي مقبرو تعمير ٿيو، جيڪو بظاهر سادو آهي، پر ڏسڻ ۾ ڏاڍوخوبصورت آهي. ٻاهران کان مقبري جا چار ئي پاسا هڪجيترا آهن. چئني ڪنڊن تي چار وڏا منارا آهن، حيرت جهڙي ڳالھہ اها آهي تہ ڪهڙي بہ مناري تي چڙهجي اُتان بادشاهي مسجد لاهور جا صرف ٽي منارا نظر اچن ٿا. چوٿون منارو هن مقبري واري مناري پٺيان لڪي وڃي ٿو. اندر پنجن ڪمرن جون قطارون آهن. مرقد وارو ڪمرو وچ ۾ آهي. هي ڪمرو رڳو هڪ پاسي کان کليل آهي، باقي ٽن پاسن کان سنگ مرمر جي نفيس ڄارين سان بند ڪيو ويو آهي. قبر وارو پورو ڪمرو سنگ مرمر جو ٺهيل آهي، قبر جي چئني پاسي ﷲ تعاليٰ جا نالا لکيل آهن. جڏهن تہ مھڙ واري پاسي کان آيتون لکيل آهن. تختي تي ”اعليٰ حضرت غفران پناھہ محمد جھانگير بادشاھہ 1037“ لکيل آهي. ماهرن جو چوڻ آهي تہ قبر تي گلڪاري، عقيق، لاجورڊ سليماني، نيلم، مرجان ۽ ابرڪ وغيرہ جي قيمتي پٿرن سان ڪئي وئي آهي، مهاراجا رنجيت سنگهہ سنگ مرمر جون نفيس ڄاريون ۽ ٻيا قيمتي پٿر لهرائي درٻار صاحب امرتسر جي سينگار ۾ استعمال ڪيا هئا. اصل مرقد تھہ خاني ۾ آهي، هن مقبري تائين پهچڻ لاءِ ٻنهي پاسي رستا، وچ ۾ نھر ۽ حوض ۽ ڀرپاسي ۾ خوبصورت گل ٻوٽا آهن. مقبري لاءِ هڪ وڏي زمين رکي وئي هئي ۽ 500 حافظ مقرر هئا، جيڪي واري واري سان قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا. پاڪستان جي قديم عمارتن ۾ هن جهڙي عمارت جو مثال مشڪل سان ملي ٿو. نہ رڳو اهو پر پوري ننڍي کنڊ جي عمارتن ۾ تاج محل، اڪبر ۽ اعتماد الدوله جي مقبري کان پوءِ هن جهڙو ٻيو مقبرو نظر نہ ٿو اچي.