
جهانگير قريشي
جھانگير قريشي: ريڊيو پروڊيوسر جھانگير قريشي، 29 جون 1949ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس والدين اصل روهڙيءَ جا هئا. هن پرائمري تعليم ڪراچيءَ جي سيد محمد شاھہ غازي پرائمري اسڪول لياريءَ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ اين. جي. وي اسڪول ڪراچيءَ مان 1964ع ۾ ڪيائين، انٽر سال 1966ع حاجي عبدالله هارون ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين، ان وقت اردوءَ جو مشھور شاعر ۽ اديب فيض احمد ’فيض‘ ڪاليج جو پرنسپال هو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر ۽ اديب رشيد احمد لاشاري اتي سنڌي پڙهائيندو هو. کيس ذهين شاگرد هجڻ جي حيثيت ۾ فيض احمد فيض ۽ لاشاري صاحب جي ويجهو رهڻ ۽ سکڻ جو موقعو مليو، ڪاليج جي ڪلچرل ڪميٽيءَ جي اسٽيج پروگرامن ۾ کيس ٻنهي استادن جي رهنمائي حاصل رهي. هن 1970ع ۾ هن حيدرآباد مان اليڪٽريڪل ٽيڪنالاجيءَ ۾ ٽن سالن جو ڊپلوما بہ ڪيو هو ۽ مختلف محڪمن ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر جي حيثيت ۾ ڪم بہ ڪيو. جھانگير قريشي اسٽيج پروگرامن، ڊرامن ۽ موسيقيءَ جي شوق جي ڪري اپريل 1972ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اناؤنسر واري آڊيشن ۾ ڪامياب ٿيو. جتي پنج سال ڪانٽريڪٽ تي اناؤنسر ٿي رهيو. ان وچ ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي بہ ڪيائين. هن 1977ع ۾ پروڊيوسر جو امتحان ڏيئي ڪاميابي ماڻي. موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ ’وياسي وينجهار‘ (ڪلاسيڪل فنڪارن جي فن ۽ زندگي تي دستاويزي پروگرام)، ’ڪافي رنگ‘، ’سُر سينگار‘ پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح هن ڪيترا ئي ڊراما نشر ڪيا، خاص ڪري ’شاھہ جون سورميون‘ عنوان هيٺ مشتاق چنگيزيءَ جي لکيل ستن ئي سورمين بابت تحريرين کي ڊرامائي شڪل ڏيئي نشر ڪرايائين، جن ۾ مرڪزي ڪردار سيد صالح محمد شاھہ، سيما پنهور ۽ شميم سومرو ادا ڪيا. حيدرآباد ريڊيو تي هن جي 17 ساله ملازمت واري عرصي ۾ شاھہ جو ڪلام تحت الفظ سيد صالح محمد شاھہ جي آواز ۾ رڪارڊ ڪري هلايو ويو. سنڌي موسيقي ۽ سنڌي ڊرامن کان سواءِ ٻيا ڪيترا اهم پروگرام سندس ذمي رهيا.خيرپور ريڊيو تي بہ جھانگير قريشيءَ، سنڌي ڊراما نشر ڪيا، جن جا مشھور اداڪار سعيد احمد واگهو، مظهر شيخ ۽ يحيٰ ڀٽو وغيرہ اڳتي هلي ٽيليويزن جا مشھور اداڪار بڻيا. هن ريڊيو پاڪستان خيرپور جي سالگرہ جي موقعي تي ان وقت جي نامور براڊڪاسٽر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر خواجہ امداد عليءَ سان گڏجي اسٽيج پروگرام پيش ڪيا. جھانگير قريشيءَ کي ريڊيو پاڪستان هيڊڪوارٽر اسلام آباد پاران سنڌي موسيقي ۽ سنڌي ڊرامن تي بھترين پروڊيوسر جا ڪيترا اوارڊ مليا. سنڌ جي مختلف ثقافتي تنظيمن بہ کيس اوارڊ ڏنا. موسيقيءَ جي رڪارڊنگ ۾ غلام حسين شيخ سندس رهنمائي ڪئي. هن موسيقيءَ جي فن جي باقاعدي سکيا استاد محمد جمن، استاد نياز حسين، استاد امانت علي خان کان حاصل ڪئي. جھانگير قريشي کي 2002ع ۾ ڪراچي FM-101 تان لاڙڪاڻي FM تي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ بدلي ڪيو ويو، جتان هن 14 جولاءِ 2003ع تي مقرر تاريخ کان 7 سال اڳ ڪن ذاتي مجبورين سبب رٽائرمينٽ ورتي ۽ هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.
1949.06.29 عيسوي
ريڊيو پروڊيوسر جهانگير قريشي، 29 جون 1949ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.