جھان آرا بيگم: بيگم جھان آرا، شاھجھان بادشاھ ۽ ارجمند بانو بيگم (ممتاز محل) جي ننڍي ڌيءُ هئي، هوءَ 1023ھه/ 1614ع ڌاري ڄائي. انهيءَ وقت جھانگير بادشاھه هندستان جي تخت تي هو، جنهن ڏاڍيون خوشيون ڪيون. کيس ننڍي هوندي تعليم ڏيڻ لاءِ قابل ۽ تجربيڪار معلم چونڊي رکيا ويا. سگهو ئي هن قرآن شريف ۽ فقھ جا ڪتاب پڙهي پورا ڪيا، ٿورن ورهين ۾ ئي عربيءَ ۾ چڱي مهارت حاصل ڪئي. هوءَ هميشہ قرآن شريف ۽ حديث جا ڪتاب پڙهندي رهندي هئي ۽ عبادت ۾ بہ مشغول رهندي هئي، هن جي عبادت سبب شاھجھان جي ساڻس تمام گهڻي محبت هئي. جھان آرا بيگم فارسي ۽ عربي انشاء پردازيءَ ۾ ڏاڍي هوشيار هئي، ۽ گفتگو تمام مٺي ڪندي هئي، ترڪي ٻولي بہ ڄاڻندي هئي، شعر بہ چڱو چوندي هئي، جو اڪثر اخلاقي مضمون تي هوندو هو. هوءَ جيتوڻيڪ تربيت جي ڪري عالي دماغ ۽ ضدي هوندي هئي، تہ بہ هلت تمام نياري هوندي هئس ۽ تمام سخي هوندي هئي. هيءَ پنھنجي ٻين ٽن ڀيڻن ۽ چئن ڀائرن کان گهڻين ڳالهين ۾ وڌيڪ هئي، تنهنڪري پيءُ ۽ ماءُ کي گهڻو وڻندي هئي. هن کي جيڪي قيمتي انعام ملندا هئا، سي هميشہ هوءَ خير جي ڪمن ۾ خرچيندي هئي. سندس ماءُ سان محبت جو ثبوت اهو آهي تہ جڏهن ارجمند بانوءَ وفات ٿي ڪئي، تڏهن بادشاھه کي وصيت ڪيائين تہ منهنجي ملڪيت جو اڌ حصو جھان آرا بيگم کي ملي ۽ باقي اڌ ٻئي اولاد کي ورهائي ڏجي، پر اورنگزيب عالمگير، شاھجھان جي وفات کان پوءِ اها وصيت واري تقسيم، شرع جي برخلاف ڏيکاري، رد ڪري ڇڏي.
1052ھه/ 1642ع ۾ جھان آرا جي سالگرھه جي ڏينهن آگري ۾ وڏو جشن ڪيو ويو. رات جو خوشي ڪندي، ٻانهين جي هٿن ۾ جيڪي شمعون هيون، تن مان جھان آرا بيگم جي ڪپڙن کي اوچتو باھه لڳي وئي، ۽ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان محل جي ماڻهن اها باھہ وسائي، ان ۾ چار نوڪرياڻيون سڙي ويون. خوشيءَ جي بدران، محل ۾ غم ۽ افسوس پئجي ويو. حڪيم اچي گڏ ٿيا. سٺ هزار روپيا بادشاھه خيرات ڪيا ۽ شهزاديءَ جي شفا لاءِ دعائون گهريون ويون. نيٺ پنجن مهينن کان پوءِ هوءَ چڱي ڀلي ٿي. انهيءَ وچ ۾ بادشاھه ڏاڍي فڪر ۽ انتظار ۾ رهندو هو ۽ اڪثر محل کان ٻاهر رهندو هو ۽ پيٽ ڀري ماني نہ کائيندو هو. شهزاديءَ جي چڱڀلائيءَ جي خوشيءَ ۾ بادشاھه وري ٻيو جشن ڪيو، جنهن مان نہ رڳو فقير، پر امير، عالم ۽ فاضل بہ شاهي فيض کان بهره ياب ٿيا. شهزاديءَ کي سون سان توري، اُهو سون مسڪينن ۽ محتاجن کي ڏنو ويو، انهن خوشين ۾ ڪُل اٺاسي لک رپيا خرچ ٿيا. هن منش الارواح نالي چشتي سلسلي جي بزرگن تي ڪتاب بہ لکيو، ان کان سواءِ هڪ ٻيو ڪتاب ’رساله صحابيه‘ (1641-42) جي نالي سان بہ لکيائين، جيڪو گجرات جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. پاڻ آگري جي ڀرسان ٽري پوليا ۾ قلعي لڳ ڳاڙهن پٿرن سان مسجد بہ جوڙائي هئائين، جيڪا ان وقت جي پنجن لکن ۾ ٺھي هئي.
جھان آرا بيگم نہ رڳو حسن ۽ جمال جي ڪري، پر عقلمنديءَ ۽ سياڻپ جي ڪري بہ ماڻهن کي موهي ڇڏيندي هئي. نہ رڳو هندستان، پر سموري ايشيا کنڊ ۾ مشھور ٿي وئي. تن ڏينهن ۾ شھزادي اورنگزيب ڪا اهڙي هلت ڪئي، جنهنڪري بادشاھه مٿس گهڻو ڪاوڙيو، سندس جاگير ضبط ڪري ڇڏيائين. هن جي معافيءَ لاءِ وڏن اميرن عرض ڪيو، پر بادشاھه قبول نہ ڪيو. نيٺ شهزاديءَ جي ماءُ ۽ محلات جي ٻين بيگمن، جھان آرا بيگم کي اچي منٿ ڪئي، تنهن وڃي بادشاھه کي سفارش ڪئي، تڏهن مس مس عالمگير کي معافي ملي ۽ پنھنجي جاگير ۽ درجو مليس. انهيءَ احسان جو هو هميشہ پاڻ تي حق سمجهندو هو ۽ شاھجھان جي وفات کان پوءِ هن جھان آرا بيگم کي ڪڏهن بہ تڪليف نہ ڏني ۽ هميشہ هن کي عزت آبرو ڏيندو رهيو.
جھان آرا بيگم جيتوڻيڪ عالي دماغ هوندي هئي، تہ بہ جڏهن ڪا غلطي ڪندي هئي، ان کي ترت تسليم ڪندي هئي.
جھان آرا بيگم رمضان 1092ھه/ 5 سيپٽمبر 1680ع ۾ وفات ڪئي، ۽ نظام الدين اولياءُ جي درگاھه سان لڳ دهليءَ ۾ هڪڙي قبي ۾ دفن ڪئي وئي. اها جاءِ هن پنھنجي مدفن لاءِ ٽي ڪروڙ روپيا ڏئي خريد ڪئي هئي. مگر عالمگير سندس مرڻ کان پوءِ ٻہ ڪروڙ زور زبردستيءَ ڦٻائي ويو. هن پنھنجي پيءُ سان آخري وقت تائين نظربنديءَ دوران آگري واري قلعي ۾ گڏ رهي سلڇڻي ڌي هجڻ جو ثبوت ڏنو.جھان آرا جي قبر جي سيرانديءَ، سنگ مرمر جي تختيءَ تي، سندس هيءُ بيت لکيل آهي:بغير سبزہ نبوشـد ڪسي مزار مرا،ڪه قبر پوشِ غريبان همين گياه بس است.[ساوڪ کان سواءِ ٻيو ڪو بہ منهنجي قبر تي پوش نہ وجهي، ڇا ڪاڻ تہ غريبن جي قبر جو پوش بس اهو گاھه ئي آهي.]
مرزا محمد علي ’ماهر‘، جھان آرا جي شان ۾ هڪڙي مثنوي لکي هئي، جنهن جي لاءِ هن کيس پنج سؤ پيا انعام ڏنو. انهيءِ مان هڪڙو بيت هي آهي:
بـذاتِ او صـفــات ڪـــرد گارســت ڪه خود پنهان و فيضش آشڪارست. [انهيءَ بيگم ۾ خدا واريون صفتون آهن، جو پاڻ لڪل آهي ۽ سندس فيض ظاهر آهي.]
جھان بانو: جھان بانو، اڪبر بادشاھہ جي پٽ مراد مغل جي ڌيءُ هئي. سندس شادي جھانگير جي پٽ شھزادي پرويز سان ٿيل هئي، جنهن مان کيس نادرا بيگم نالي ڌي هئي، جيڪا شاھجھان جي پٽ دارا شڪوہ جي گهر واري هئي.