جھان خان ثاني

جھان خان (ثاني): خان ثاني'>جھان خان ثاني، عالم خان بھادر جو پٽ هو. عالم خان مير رستم خان ٽالپر جي فوج جو جرنيل هو ۽ سندس پٽ خان ثاني'>جھان خان ثاني بہ جرنيلن ۾ شامل هو. جڏهن ميرن شڪارپور جو شھر هٿ ڪيو، تڏهن عالم خان خيرپور جي ميرن طرفان اتي جو ناظم مقرر ٿيو. کرڙيءَ جي جنگ کان هڪ ڏينهن اڳ شاھہ شجاع جي لشڪر سان وڙهندي عالم خان شھيد ٿي ويو. خان ثاني'>جھان خان ثاني پنھنجي پيءُ کان وڌيڪ بھادر مرد هو. هن جڏهن پنھنجي والد جي شهادت جو ٻڌو تہ هڪدم پيءُ جي قاتل حاجي هدايت ﷲ خان تي لشڪر ڪشي ڪري، کيس قتل ڪري پيءُ جو پلاند ورتائين. ٻئي ڏينهن پنجاھہ سٺ بهادرن سان گڏ کرڙيءَ جي جنگ ۾ لھي پيو ۽ ٽالپرن طرفان شاھہ شجاع جي لشڪر سان خوب وڙهيو. بلوچن جي رسم موجب جھان خان ۽ سندس ساٿي هڪ ٻئي سان ڏانوڻن ۾ ٻڌجي، تلوارون هلائڻ لڳا ۽ دشمن جي فوج جا ڪيترائي ماڻهو قتل ڪرڻ کانپوءِ وڃي شھيد ٿيا. جھان خان جنگ ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ بہ اٿي دشمنن جي فوج تي حملا ڪيا تان جو ٽن سپاهين مٿس هڪ ئي وقت تلوارن جا وار ڪري کيس شھيد ڪري ڇڏيو. خيرپور جي نامور مرثيہ گو شاعر آخوند عالم ڪربلائي (مرزا مراد علي بيگ سائل جي شاگرد) کرڙيءَ جي جنگ تي لکيل فارسي مثنوي ’شاهنامه‘ ۾ جھان خان ثانيءَ جي وڏي تعريف ڪئي آهي. ڪجهہ شعر هيٺ ڏجن ٿا:
جھان خان جھان را بہ حيرت فگ
کــه بيـخ درخــتِ خـبــاثــت بکــنــد. [جھان خان جھان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ خبيثن جي وڻ جي پاڙ پٽي ڇڏيائين.]
چو حُـرِّ شھيد از جهانِ فنا،
روان شد روانش بہ عالم بقا.
[هو فاني جھان مان حضرت حر شھيد وانگر ملڪ بقا ڏي روانو ٿي ويو.]
مـيــانِ شـجـاعــان مــاھہِ لــقــا،
منورچـون خـورشيـد شـد در سھا.
[هو بهادرن جي وچ ۾ چنڊ وانگر هو ۽ هميشہ سج وانگر روشن هوندو هو.]


لفظ جھان خان ثانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو