جھان خان ڍنڍ: هن کي جھان خان جي ڇڇ بہ سڏيو ويندو آهي. چوهڙ جمالي ڀرسان واقع هيءَ ڍنڍ ملڪاڻين جي ذاتي ڍنڍ آهي، هن ڍنڍ ۾ پکي ۽ مڇي جام مري ٿي. هتي سياري ۾ پرڏيهي پکي جهجهي تعداد ۾ ايندا آهن. هيءَ علائقي جي وڏين ڍنڍن ۾ شمار ٿئي ٿي.