مسڪين جهان خان کوسو

مسڪين جهان خان کوسو

جھان خان کوسو مسڪين

جھان خان کوسو ’مسڪين‘: مشھور سماجي اڳواڻ، مسڪين جھان خان ولد بجار خان کوسو، 9 جولاءِ 1909ع تي ننگرپارڪر جي ڳوٺ سامي ويريءَ ۾ ڄائو. سنڌ جو مشھور سماجي ڪارڪن، خدائي خدمتگار ۽ ٿر جي عوام جو هڏ ڏوکي انسان هو. هن کي پوليس ۾ ملازمت هئي، جنهن کي 1937ع ۾ ترڪ ڪــري، غريبن جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقـف ڪـري ڇڏيائين، هو ٿرپارڪر جي گشتي تاريخ هـو، جـنهـن پـيــٽ تــي پـٿر ٻـڌي، سڄي حياتي ٿر جي غريب ۽ اٻوجهہ ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري. هو اخبارن جي دفترن ۾ ذاتي طور وڃي صحافين کي ٿر جي مسئلن کان آگاھہ ڪندو هو. جڏهن ٿر ۾ ڏڪر پوندو هو تہ مسڪين جھان خان ٿرين کي وٺي اچي آفيسرن سان ملائيندو هو ۽ انهن جي امداد ۾ واهر ڪندو هو. دوائون، ڪپڙو ۽ اناج هٿ ڪري حقدارن تائين پهچائيندو هو. هو ٿر جي مسـڪـيـن ۽ اڻـپـڙهيـل اٻـوجهـن- مسلمانن توڙي ڀيلن، ڪولهين ۽ مينگهواڙن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ هر هنڌ حاضر رهندو هو. ڪورٽ هجي يا ٿاڻو، آفيس هجي يا زمينداري اوطاق، هو هر جاءِ تي غريب ٿرين جي حقن لاءِ ويندو هو ۽ ڪم ڪرائڻ کان سواءِ اُٿندو ئي نہ هو. مسڪين جھان خان کوسي جي شخصيت تي روينيو کاتي جي مختيارڪار محمد بخش مجنون مرحوم هڪ ڪتاب ’مسڪين جھان خان کوسو‘ لکي، سندس سوانح حيات کي اجاگر ڪيو آهي. هي ڪتاب مسڪين جي حياتيءَ ۾ ئي ڇپيو هو، جيڪو سنڌي ادب ۾ سوانح عمريءَ جي صنف ۾ اهم حيثيت رکي ٿو.
ڪتاب ’مسڪين جھان خان کوسو‘ جو ليکڪ مجنون مرحوم مسڪين جي شخصيت جو نقشو چٽيندي لکي ٿو تہ: ”ڪروڙڍ، قد درميانو، جسم جو جانٺو، موڪري ماٺيڻي منهن تي سفيد سھڻي ڇاپونئي سونهاري اڇي جهڙي ٻُوھہ، مٿو اڪثر اگهاڙو، ڪڏهن ڪڏهن سياري ۾ مُلن واري برقي ٽائيپ ٽوپي يا اونهاري ۾ کجيءَ واري مولانا ڀاشاني ٽوپي، مليشيا جا ڪپڙا، سي بہ ميل ۾ ڪِچ، هڪ دفعو پائڻ کان پوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي، پاڻيهي ڳري سڙي پنھنجي جان ڇڏائن تہ واھہ، نہ تہ ٻيو ٿيو خير، ساڄي ڪلهي تي پٺارڪ ڪتابن ۽ اخبارن جي، کاٻيءَ ڪڇ ۾ ٻہ ٽي سير اخبارن جو پلندو، هٿ ۾ مس ڪپڙيءَ کڙين ۾ ڀڄي سپاٽا ٿي ويل سليپرن سان کرٿ کرٿ ڪندو، مٽيءَ جي اڻ مئي کِھہَ اڏائيندو، ٿرين جا ولرن جا ولر پويان لايو، ڪنهن آفيس ڏانهن واڪيندي ڪو ماڻهو ڏسو تہ پڪ سمجهو اهو مسڪين جھان خان کوسو آهي“. مسڪين جھان خان مهينن جا مهينا مسڪينن جي مدد لاءِ گهر کان ٻاهر رهندو هو، پوءِ ڀلي تہ ٻچا پيا سندس صورت لاءِ ترسن، سندس گهر موٽڻ جو سبب مٽ مائٽ جو موت يا زوريءَ غريبن جي گهيري مان کنڀي کڻي اچڻ هوندو هو، ورنه پاڻمرادو موٽڻ مشڪل هوس. سندس سماجڪ سڌار جذبو پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو، پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڊگهي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو، جنهنڪري 23 جولاءِ 1980ع تي ڄامشوري اسپتال ۾ وفات ڪيائين، کيس زندگيءَ ۾ تہ سک نصيب ڪو نہ ٿيو، پر مرڻ وقت بہ سندس ڪو اوهي واهي نہ ٿيو، اها ڪيڏي نہ قومي بي حسي آهي، جو پورا ٻہ ڏينهن سندس لاش اسپتال جي سردخاني ۾ پيو رهيو، آخر ڊاڪٽرن جي ذاتي ڪوششن سان سندس لاش ٿرپارڪر جي انتظاميا تائين پھچايو ويو ۽ 25 جولاءِ 1980ع تي ننگرپارڪر جي ڀرسان ديسين جي قبرستان ۾ گوڙدرو نئن جي کاٻي ڪناري ۽ ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ دفن ڪيو ويو. مرحوم مسڪين جھان خان کوسي جي شاندار سماجي خدمتن جو پنهنجن تہ قدر نہ ڪيو، آمريڪن بائيو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ 1996ع ۾ عالمي اوارڊ ’گولڊ رڪارڊ آف اچيومينٽ‘ لاءِ کيس حقدار قرار ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.07.09  عيسوي

مشهور سماجي اڳواڻ، مسڪين جهان خان ولد بجار خان کوسو، 9 جولاءِ 1909ع تي ننگرپارڪر جي ڳوٺ سامي ويريءَ ۾ ڄائو.


1980.07.23  عيسوي

مسڪين جهان خان کوسي 23 جولاءِ 1980ع تي ڄامشوري اسپتال ۾ وفات ڪئي. 25 جولاءِ 1980ع تي ننگرپارڪر جي ڀرسان ديسين جي قبرستان ۾ گوڙدرو نئن جي کاٻي ڪناري ۽ ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راحيلا شر
راهوجو ذوالفقار
شادي خان کوسو
ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي
ابڙو ڊاڪٽر عبدالحي
خاتمي سيد محمد
جهمٽ مل ٽلواڻي
ايوب کوسو 2
ارباب توڳاچي خانصاحب
جانڪي دادي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون