جھان مخدوم سنڌي: جھان مخدوم سنڌي وڏو عالم ٿي گذريو آهي، جنهن جو ’طبقات اڪبريءَ‘ ۾ ذڪر آيو آهي: ”مخدوم جھان سنڌي درسيوستان است، از فعول علماء بہ زهد و تقويٰ ممتاز است“ (مخدوم جھان سنڌي سيوهڻ ۾ رهي ٿو، وڏن عالمن مان آهي). هن لکيت مان معلوم ٿئي ٿو تہ هيءُ بزرگ پنھنجي وقت جو معتبر عالم ٿي گذريو آهي.