جھان مولا نئن وارو ماڳ

جــهـان، مولا نئن وارو ماڳ (Jahan Mula River): هيءُ ماڳ مولا نئن جي پيٽ وٽ ڳوٺ جھان کان 2 ميل اتر- اوڀر ۾ آهي. هيءُ دڙو کجين ۽ ٻين وڻن جي ساوڪ سان جهنجهيل آهي. ڪجهہ پٿرن جي اڏاوتن جا آثار دڙي جي هيٺينءَ سطح تي ملن ٿا، جيڪي ٻوڏن سبب تباھہ حال آهن. هتان توگو، ۽ انجيرا وارا، ٻنهي نمونن جا، ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جا ٺڪر لڌا آهن. ان کان سواءِ ٺڪرين ۾ هڙاپا دور جون ٺڪريون بہ شامل آهن. ٿوري تعداد ۾ لوندو ويئر بہ مليو آهي. ان کان سواءِ ٻہ ٺڪر جا نمونا اهڙا هٿ آيا، جيڪي سڄا بچي نہ سگهيا آهن. هڪڙو سادو ميٽوڙي ناسي ليپي سان آهي، جڏهن تہ ٻيو ڳاڙهو، اڇي ليپي سان آهي، جنهن تي ناسي چٽ چٽيل آهن. هيءُ ماڳ قافلن جي داٻي وارو هنڌ لڳي ٿو. هتان ملندڙ ٺڪر ۾ هڪ تراکڙي وڏي پيالي جو ڪُنو مليو آهي جنهن تي گٺل ڳاڙهي ٺڪر جو ليپو ڏنل آهي. جيئن تہ هن ٺڪر جا وصف چٽا ناهن رهيا، ان ڪري هن کي هڙاپائي يا مهرڳڙھہ جي VIIIC دور واري ٺڪر سان ڀيٽي سگهجي ٿو. اصل هن قسم جا ماڳ ڪي مستقل رهائشي ماڳ ڪونه آهن پر هي وقتي بيٺڪون آهن. هن قسم جون بيٺڪون هاڪڙي جي ڪناري سان يا هاڪڙي جي پيٽ ۾ چولستان ۾ ملن ٿيون. هي بيٺڪون اوائلي سنڌو تھذيب جون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو