ج. ع. منگهـاڻـي: ج. ع. منـگهـاڻـيءَ جو پورو نالو جـنـت خـاتـون ڌيءَ علي محمد بڪڪ آهي. هوءَ سنڌي ادب جي ناليواري ليکڪا آهي. هن ڪراچيءَ جي هڪ ڳوٺ ’بڪڪ‘ ۾ جنم ورتو. سندس والد سيٺ علي محمد هڪ اعليٰ تعليم يافتہ شخص هو، جنهن جي اثر ۽ تربيت جي ڪري سندس اولاد، پٽ ۽ ڌيئرون، اعليٰ تعليم يافتہ آهن ۽ مختلف عهدن تي فائز آهن.
ج. ع. منگهاڻيءَ جي پهرين لکڻي 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ’هلال پاڪستان‘ اخبار جي عورتن واري صفحي ’سگهڙين سٿ‘ ۾ ڇپي، ان کان پوءِ سندس لکڻيون مختلف رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿيون. هيءَ ليکڪا هڪ ئي وقت ٻاراڻي ادب جي ليکڪا هئڻ سميت ناول نگار، لطيفيات جي ڄاڻو، محقق ۽ شاعر آهي. 1982ع ۾ ’ڪهڙي منجهہ حساب‘ عنوان سان سندس ناول روزاني هلال پاڪستان ۾ قسط وار ڇپيو هو. هن جي ٻاراڻين ڪهاڻين جو ڪتاب ’پتنگ پٺيان ڊوڙ‘ (1986ع)، آگم پبليڪيشن، حيدرآباد ڇپايو. سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب (1) ’خوابن جو ايوان‘ (1999ع)، سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي ۽ (2) ’رولاڪ خـواب‘ (2006ع) ۾ سـنت ڪنوررام فائونڊيشـن، احمدآباد پاران ڇپيل آهن.
لطيفيات تي ج. ع. منگهاڻيءَ جو تحقيقي پورهيو، خاص ڪري لطيف جي ٻوليءَ تي ڪوهستاني حوالي سان ڪيل ڪم تحقيق جي ميدان ۾ نئين وک مڃيو پيو وڃي. ان حوالي سان سندس ٻہ ڪتاب (1) ’ڇپر ڪين ڏي‘ (2002ع) ۽ ‘شاھہ لطيف جي ٻولي جو تحقيقي جائزو‘ (2005ع)، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ڇپايل آهن. سندس هڪ ناول ’رڃ‘ (2006ع) سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ج. ع. منگهاڻيءَ جي شاعريءَ ۾ جدت، ٻولي پختي ۽ خيال ترقي پسنداڻا آهن. هوءَ تاج بلوچ جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالي ماهوار ’سوجهرو‘ مئگزين جي (2003ع کان 2006ع تائين) چيف ايڊيٽر بہ رهي آهي .