حاتم طائي
حاتم طائي: حاتم طائي عربستان جو مشهور سخي مرد ’طي‘ قبيلي جو سردار هو، انهيءَ ڪري کيس حاتم طائي سڏيندا هئا. هيءُ بشر بن حازم ۽ عبيد بن الابرص جھڙن شاعرن جو همعصر هو. حاتم هڪ سخي مرد هو، خاص طور تي هن ۾ مهمان نوازي ۽ سخاوت گھڻي موجود هئي. هن مهمان نوازي ۽ سخاوت ڪرڻ وقت پنهنجي ضرورتن جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪئي. هن جي باري ۾ جيڪي روايتون بيان ڪيون وڃن ٿيون انهن مطابق هي اسلام کان اڳ عربن ۾سخا جو هڪ بهترين نمونو هو. هن جي فياضي مثالي هئي. انهيءَ ڪري هن کي جواد يا اجود چوندا هئا. حاتم طائي 605ع ۾ فوت ٿيو. ان وقت حضور اڪرم صلعم جي عمر 35 ورهيه هئي. هن جي مزار غالباً بلاد طي جي هڪ پهاڙ جي مٿان واقع آهي. جيڪو تنغه ۾ وادي جائل جي ڪناري تي واقع آهي.
هن جي مزار جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي پٿر جون چار مورتيون هيون، جن جون شڪيلون ڇوڪرين جھڙيون هيون، جيڪي پنهنجن وارن کي وکيري هن جي قبر تي ماتم ڪندي محسوس ٿينديون هيون. هن جي قبر جي ويجھو اٺ وڏين ديڳن جي ڪجهه بچيل ٽڪرن جي نمائش ڪئي وئي هئي، جنهن مان هو پنهنجي مهمانن جي مهمان نوازي ڪندو هو. بقول پال گريو جي ته: ”حاتم جي مزار هن علائقي ۾ اڃا تائين مشهور آهي. حاتم طائي جي شاعري گھڻو ڪري سخاوت ۽ ايثار جي تعريف ۾ آهي. عربي ادب ۾ هن جي شخصيت هر دلعزيز آهي.“ حاتم طائي عرب تاريخ جي جاهليت واري دور جو ڀلوڙ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ديوان لنڊن ۽ بيروت مان ڇپجي چڪو آهي. ايران م به هن جو داستان ’قصه حاتم طائي/قصه هفت سير‘ ڇپجي چڪو آهي، جنهنجو ترجمو ڊي. فوربس 1830ع ۾ ڪري لنڊن مان شايع ڪرايو هو. حاتم جي زندگي ۽ ان جي ڪارنامن کي علامه حسين واعظ ڪاشفي پنهنجي ناياب تصنيف ’قصص آثار حاتم طائي‘ ۾ قلمبند ڪيو آهي. حاتم طائي جي اولاد ۾ هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ هو، حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو اخلاق ڏسي پهرين حاتم طائيءَ جي ڌيءَ اسلام قبول ڪيو ۽ لد ئي حاتم طائي جي پٽ عدي بن حاتم به اسلام قبول ڪيو ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي اصحابين ۾ شامل ٿي ويو.