
حاتم طائي
حاتم طائي: حاتم طائي عربستان جو مشھور سخي مرد ’طي‘ قبيلي جو سردار هو، انهيءَ ڪري کيس حاتم طائي سڏيندا هئا. هيءُ بشر بن حازم ۽ عبيد بن الابرص جهڙن شاعرن جو همعصر هو. حاتم هڪ سخي مرد هو، خاص طور تي هن ۾ مهمان نوازي ۽ سخاوت گهڻي موجود هئي. هن مهمان نوازي ۽ سخاوت ڪرڻ وقت پنھنجي ضرورتن جي ڪڏهن بہ پرواھہ نہ ڪئي. هن جي باري ۾ جيڪي روايتون بيان ڪيون وڃن ٿيون انهن مطابق هي اسلام کان اڳ عربن ۾سخا جو هڪ بھترين نمونو هو. هن جي فياضي مثالي هئي. انهيءَ ڪري هن کي جواد يا اجود چوندا هئا. حاتم طائي 605ع ۾ فوت ٿيو. ان وقت حضور اڪرم صلعم جي عمر 35 ورهيہ هئي. هن جي مزار غالباً بلاد طي جي هڪ پهاڙ جي مٿان واقع آهي. جيڪو تنغه ۾ وادي جائل جي ڪناري تي واقع آهي.
هن جي مزار جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي پٿر جون چار مورتيون هيون، جن جون شڪيلون ڇوڪرين جهڙيون هيون، جيڪي پنهنجن وارن کي وکيري هن جي قبر تي ماتم ڪندي محسوس ٿينديون هيون. هن جي قبر جي ويجهو اٺ وڏين ديڳن جي ڪجهہ بچيل ٽڪرن جي نمائش ڪئي وئي هئي، جنهن مان هو پنھنجي مهمانن جي مهمان نوازي ڪندو هو. بقول پال گريو جي تہ: ”حاتم جي مزار هن علائقي ۾ اڃا تائين مشھور آهي. حاتم طائي جي شاعري گهڻو ڪري سخاوت ۽ ايثار جي تعريف ۾ آهي. عربي ادب ۾ هن جي شخصيت هر دلعزيز آهي.“ حاتم طائي عرب تاريخ جي جاهليت واري دور جو ڀلوڙ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ديوان لنڊن ۽ بيروت مان ڇپجي چڪو آهي. ايران م بہ هن جو داستان ’قصہ حاتم طائي/قصہ هفت سير‘ ڇپجي چڪو آهي، جنهنجو ترجمو ڊي. فوربس 1830ع ۾ ڪري لنڊن مان شايع ڪرايو هو. حاتم جي زندگي ۽ ان جي ڪارنامن کي علامہ حسين واعظ ڪاشفي پنھنجي ناياب تصنيف ’قصص آثار حاتم طائي‘ ۾ قلمبند ڪيو آهي. حاتم طائي جي اولاد ۾ هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ هو، حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو اخلاق ڏسي پهرين حاتم طائيءَ جي ڌيءَ اسلام قبول ڪيو ۽ لد ئي حاتم طائي جي پٽ عدي بن حاتم بہ اسلام قبول ڪيو ۽ حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي اصحابين ۾ شامل ٿي ويو.