ڊاڪٽر حاتم ٽالپر

ڊاڪٽر حاتم ٽالپر

حاتم ٽالپر ڊاڪٽر

حاتم ٽالپر، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر حاتم ٽالپر ولد محب علي ٽالپر 18 آڪٽوبر 1948ع تي ڳوٺ مھر علي ٽالپر، تعلقي شھدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هن مئٽرڪ ۽ انٽرميڊئيٽ جا امتحان شھدادپور ۽ سانگهڙ مان پاس ڪيا. 1974ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس (MBBS) جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1976ع ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. سنجهوري، هالا، کپري، ڦُلھڏيون، جيل بدين'>اوپن جيل بدين ۽ نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج ۾ ميڊيڪل آفيسر طور خدمتون انجام ڏيڻ کانپوءِ 2008ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. پاڻ اينيسٿيزيا جو ماهر ڊاڪٽر رهيو آهي. ڊاڪٽر حاتم ٽالپر کي علم و ادب ۽ تصوف سان گھرو لڳاءُ رهيو آهي. هن جا ٻه ڪتاب “محب سندا موتي” (فقير محب جي ڪلام جي ترتيب) ۽ “منظوم محمدي” (محمد فقير گهوٽي جي ڪلام جي ترتيب) شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.10.18  عيسوي

ڊاڪٽر حاتم ٽالپر ولد محب علي ٽالپر 18 آڪٽوبر 1948ع تي ڳوٺ مھر علي ٽالپر، تعلقي شھدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏنگر فقير
انور سولنگي
پتافي بهاءُ الدين بهائي مولوي
ڪائنات ٿيٻو
حافظ عبدالرحيم
عبدالرحيم مگسي
نواب احمد خان لغاري
راڻو روپاڙسنگهه
چيخوف
بشير احمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون