حاجن شاهه بخاري سيد

حاجن شاهه بخاري، سيد: سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ شاعر حاجن شاهه ولد رحيم شاهه بخاري 1835ع ڌاري ڊکڻ شهر لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ لونگاڻي شريف تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾جنم ورتو. هن جا وڏا عربستان کان هجرت ڪري پنجاب جي ڳوٺ ”اچ شريف“ ۾ اچي آباد ٿيا، جتان سندن خاندان جو هڪ فرد سيد گل شاهه پهرين هنڱورجا، ضلعي خيرپور ميرس ۽ بعد ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي حمزاڻي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. ڪجهه عرصي بعد لڏي اچي ڳوٺ لونگاڻي شريف کي پنهن جو مسڪن بڻايائين ۽ ان ئي ڳوٺ جو نالو پنهنجي پياري عقيدتمند لونگ فقير جوڻيجي جي نالي پٺيان ’لونگاڻي‘ رکيو هئائين.
حاجن شاهه بخاريءَ جي طريقت جو سلسلو مخدوم خواجه عبدالحئي نقشبندي بن پير شهاب الدين پير ڌڻيءَ سان ملي ٿو. هيءُ نقشبندي طريقي جي شيخ عبدالاحد فاروقي بلقب امام رباني مجدد الف ثاني سرهنديءَ جي پنجين پيڙهيءَ مان هو. هنن صوفين جي نوشهري فيروز واري خانقاهه، سنڌ جي چئن وڏين خانقاهن مان هڪ آهي. هي صوفي بزرگ پنهنجي وقت جو باڪمال شاعر به ٿي گذريو آهي. هن کي هڪ پٽ ٿيو، جيڪو ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويو. هن صوفي بزرگ 27 ربيع الاول 1326هه مطابق 30 اپريل 1908ع ۾ وفات ڪئي. لونگاڻي شريف ۾ سندس مزار تي عاليشان مقبرو جوڙيل آهي. هن بزرگ جو عرس هر سال ربيع الاول جي مهيني جي 25، 26 ۽ 27 تاريخ تي ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ پري پري جا گيڙوءَ رتا فقير ۽ ويراڳي شامل ٿيندا آهن. ان موقعي تي مشاعرو ۽ راڳ رنگ به ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.04.30  عيسوي

هن صوفي بزرگ 27 ربيع الاول 1326هه مطابق 30 اپريل 1908ع ۾ وفات ڪئي.



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاذليه طريقو
حاجن شاهه بخاري سيد 1
سمن سرڪار
داتا گنج بخش هجويري
بهاءُ الدين گودڙيو
عجمي سلسلو
ابن العربي
ساجن سوائي
سليمان هندي فقير
شاهه صدر لڪي
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون