حاجن شاھہ جو دڙو

حاجن شاھہ جو دڙو: هيءُ دڙو اسلامي دؤر جو چيو وڃي ٿو. دڙو 12 ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل آهي. هيءُ دڙو تعلقي جوهي، ضلعي دادو جي ڳوٺ مشتاق جمالي ۽ شاھہ شڪر گنج جي ڀر ۾ واقع آهي. دڙي جي مٿاڇري تان ڪاشيءَ جون ٺڪريون مليون آهن، جن تي گل چٽيل آهن. ان سان گڏ نيلن جا ٽڪرا ۽ سرن جا اڌڙ وغيرہ بہ مليا آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هيءُ ڪجهہ وقت آڳاٽو آباد ٿيل شھر هو. هتان ٺڪر جي جنڊن جا ٽڪرا، گهگهين جون ڍڍريون، ڪؤنرن جا ٽڪر ٽوٽا بہ مليا آهن. هتي ڪيل هلڪي کوٽائيءَ سان ٽامي جا سڪا وغيرہ پڻ مليا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو