حاجن شاهه جيلاني جي درگاهه

حاجن شاهه جيلاني جي درگاهه

حاجن شاھہ جيلاني جي درگاھہ

حاجن شاھہ جيلاني جي درگاھہ: حاجن شاھہ جيلانيءَ جي درگاھہ ڳوٺ هاشم خان گوپانگ تعلقي ميرواھہ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. حاجن شاھہ، قلندر شھباز جي معتقد بزرگن مان هو. حاجن شاھہ جي وفات مقامي روايتن موجب اڄ کان لڳ ڀڳ ستر سال پهرين ٿي. درگاھہ پڻ ان وقت جي ٺهيل ٻڌائي وڃي ٿي پر ڪو بہ اهڙو ڪتبو لڳل ڪو نہ آهي. مقبرو اڳوڻي طرز تعمير جو اعليٰ نمونو معلوم ٿئي ٿو. بزرگ جي گذاري وڃڻ بعد سندس مزار تي درگاھہ قائم ٿي. مقبرو ان وقت جي مشھور ڪاريگر آچر ڦل گمبٽ واري تعمير ڪيو. درگاھہ جو احاطو ڪافي وڏو آهي. مقبري سان گڏ مجاورن ۽ زيارتين لاءِ مسافر خانو پڻ ٺهيل آهي. مقبري کي رنگ روغن ڪيل آهي. مهاڙيءَ ۾ پڪين سرن جو فرش هڻي اڱڻ ٺاهيو ويو آهي. مقبري ۾ وڏي ونگ اندر ننڍي سان چوڪاٺي جو دروزاو لڳل اٿس. پاسن کان ٿنڀ آهن، جيڪي مٿي وڃي منارو ٺاهين ٿا. وچ واري طاقچي تي مٿي ٻيڙ- ٻني وٽان تاج ٺھي بيهي ٿو، جنهن جي ٻنهي پاسن تي ٿنڀڙيون ڏنل آهن، جيڪي منارن جي صورت جهڙيون آهن. ڇت تي گول گنبذ رکيو ويو آهي، جنهن تي نيل لڳل آهي. مقبري جي تعمير ۾ پڪين سرن جو گچ گارو استعمال ڪيل آهي. ديوارن کي چوني ۽ گاري جو ليپو ڏنل آهي. پوئين طرف کان پيڙھہ وٽان ليپو لھي ويو اٿس. اندر سيمنٽ سان فرشبندي ڪئي وئي آهي حجري ۾ ٿلهي تي ٽي مزارون آهن. مقبرو اندرئين طرف کان پڻ چٽسالي ڪري خوبصورت بڻايو ويو آهي. پاسي کان قائم لانڍي ويجهڙائي واري دور جي تعمير ڪيل ڀاسجي ٿي. هن وقت درگاھہ جو گادي نشين غلام شاھہ جيلاني آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو