حاجي احمد بخش: بزرگ، شـاعـر حـاجـي احـمـد بـخـش جـو اصـل نـالـو عبدالحق ولد علي بخش ولد مينهون هو. هن پهرين فيبروري 1908ع تي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کيس مڪتب ۾ ويهاريو ويو، جتي ٽي درجا پڙهيو. سندس لاڙو ننڍي هوندي کان ئي ديني ڪمن ڏانهن هو. هن قرآن پاڪ جا ترجما ۽ تفسير پڙهيا. قرآن شريف گھڻو پـڙهـڻ سـبب کيس قرآن مجيد جو وڏو حصو ياد ٿي ويو. مسجد جو پيش امام به ٿي رهيو ۽ چـار حـج ڪـيائيـن. پـنـهن جـو ذاتـي دڪـان هـلائي گـذر سـفر ڪندو هو. سهروردي طريقي ۾ شيخ بهاؤالدينرحه جو پوئلڳ ٿيو. 1942ع واري ٻوڏ کان پوءِ لڏي اچي رستم شهر ۾ ويٺو ۽ باقي حياتي اتي ئي گذاريائين. بهترين شاعر هو. سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪافي ڪلام چيائين. سندس شاعري جو ڪـتــاب ’انتخــاب احـمـد‘ جـي نـالـي سـان ڇـپيـل آهـي. هـن 5 ربـيـع الاول 1399هه/ 3 فـيـبـروري 1979ع تي وفـات ڪـئـي. سـندس تربت رستم جي ڪالا شاهه پير قبرستان ۾ آهي.
1908.02.01 عيسوي
حاجي احمد بخش پهرين فيبروري 1908ع تي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
1979.02.03 عيسوي
حاجي احمد بخش 5 ربـيـع الاول 1399هه/ 3 فـيـبـروري 1979ع تي وفـات ڪـئـي.