
حاجي احمد خان مري
حاجي احمد خان مري (سگهڙ): حاجي احمد خان ولد ربڏنو مري بلوچ 1950ع ۾ ڳوٺ ڪاٺڙي تعلقي دلبر مھر (سنڌڙي) ضلعي ميرپوخاص ۾جنم ورتو. هڪ ٻہ درجا پڙهي سگهيو ۽ پوءِ پنھنجي اباڻي ڪرت هارپي ۾ لڳي ويو. حاجي احمد خان مري سگهڙن سان ميل جول سبب ڏور ۽ ڳجهارتون ٺاهيون. هي سينگار جا بيت ٻڌائي محفل کي خوش ڪندو آهي. سنڌ جي سمورن ميلن ملاکڙن ۾، ۽ سمورن سنڌي ٽي. وي چئنلس تي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري مڃتا حاصل ڪري چڪو آهي. هن وقت ڳوٺ حاجي بھاول مري لڳ پيرونمل تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ رهائش پزير آهي.