حاجي امام الدين راشدي

حاجي امام الدين راشدي: حاجي سيد امام الدين ولد پير سيد رشيد الدين، پير پاڳارا خاندان جو هڪ اهم بزرگ ٿي گذريو آهي. هن پنھنجي والد جي تربيت هيٺ تصوف ۽ سلوڪ جون منزلون طئہ ڪيون ۽ قادريه، راشديه طريقو اختيار ڪيو. فقهي طور اهل حديث ڏانهن رغبت هئس، پر عملي طور حنفي طريقي جو هو. هيءُ مذهبي علم تي عبور رکڻ سميت حڪمت جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. ان کان سواءِ علم ڪيميا، علم رمل ۽ جفر جو بہ ماهر هو. طبعيت ۾ سخي ۽ مهمان نواز هو. ڪڏهن بہ پنھنجي در تان سائل کي خالي نہ موٽايائين. هيءُ جوانيءَ کي رسيو تہ پنھنجي والد بزرگ جي حڪم سان مشھور درگاھہ ٺلاھہ شريف ۾ وڃي رهيو ۽ اتي وڏي جماعت هن جي فيض مان فيضياب ٿي. هن 1904ع ڌاري حج ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌي جڏهن 1901ع ڌاري ’مدرسہ دارالرشد‘ جو بنياد وڌو، تڏهن ان جي انجمن شوريٰ جو هيءُ بہ ميمبر هو. 1931ع ڌاري گـُڙدن جي بيماري سبب وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو