حاجي بھرام عرف ’حاجي بهران‘: حاجي بھرام المعروف حاجي بهران جي باري ۾ روايت آهي تہ هو اصل افغاني هو. پنھنجي ملڪ افغانستان مان نڪري بغداد ۾ سيد عبدالقادر شاھہ جيلانيءَ جي درگاھہ تي ويو، جتي ڪافي عرصو رهيو. پوءِ سنڌ ۾ دادوءَ اندر اچي هڪ مسجد وسايائين، جا اڄ بہ حاجي بهران جي مسجد جي نالي سان مشھور آهي. حاجي بهران دادوءَ ۾ شادي ڪئي، کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مولوي محمد يوسف هو، جيڪو پنھنجي نيڪنامي ۽ پرهيزگاريءَ سبب مشھور هو. حاجي بهران وٽ ڪيترائي سوالي ايندا هئا ۽ من جون مرادون ماڻي واپس ويندا هئا. حاجي بھرام کي وفات بعد مسجد جي اتر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس تربت مٿان ڪوٺو ٺهيل آهي.