حاجي حسين: ڪتاب ’تحفة الطاهرين‘ ۾ شيخ محمداعظم لکي ٿو ته: ”حاجي حسين فقھه ۽ حديث جو وڏو عالم هو. هڪ ڏينهن تلاوت ڪلام پاڪ ڪندي سندس نظر جڏهن هن آيت ’وَلله المَشرِقُ وَالمَغرِب فَاَينَمَا تُوَلُوا فَثَمَ وَجھُ اللهِ‘ (ترجمو: ۽ اوڀر ۽ اولهه جو مالڪ الله ئي آهي، تون جيڏانهن به منهن ڪندين، تيڏانهن الله ئي هوندو.“ (سورة بقره، آيت: 115) پهتي، تڏهن ٿڌو ساهه کنيائين ۽ اڳتي هلي سڄي زندگي محبت الــٰهي ۾ گذاري ڇڏيائين. روايت آهي ته ٺٽي جو هڪ شريف ماڻهو ميرزا محمد ظفر نالي سندس عقيدتمند هو. ان هڪ ڏينهن هن بزرگ جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته ماڻهو هندستان وڃي سرڪاري نوڪريءَ جي منصب کان سرفراز پيا ٿين، منهنجي به دلي خواهش آهي ته آءٌ به وڃي ڪو منصب حاصل ڪريان. هن بزرگ هن کي هڪدم هڪ پراڻو ٿيلهو ڏنو ۽ چيائين ته جيترن پئسن جي ضرورت هجئي، هن ٿيلهي مان پيو ڪڍجان، پر ڪڏهن به هن کي کولي نه ڏسجان. مرزا احمد ظفر اهو ٿيلهو کڻي هندستان روانو ٿيو ۽ شاهجهان آباد ۾ پهچي شاهجهان بادشاهه کان وڏو منصب حاصل ڪيو. مرزا محمد ظفر ٻڌايو ته انهيءَ ٿيلهي مان هن چار سؤ رپيا خرچ ڪيا هئا.