حاجي ’حقير‘ ابن مڱڻ: حاجي ’حقير‘ ابن مڱڻ خاصخيلي 18 اپريل 1901ع تي ٽنڊي قيصر، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مشهور شاعر، اديب ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. حاجي حقير جو تعلق غريب گهراڻي سان هو. هن قرآن پاڪ ۽ ديني تعليم وٺڻ کان پوءِ ڪجهه درجا سنڌيءَ جا پڙهيا، پوءِ حڪمت سکيو ۽ آخر تائين حڪمت جي پيشي سان وابسته رهيو. حاجي حقير ابن مڱڻ نهايت خاموشيءَ سان سنڌي زبان جي خدمت ڪئي. هن نثر توڙي نظم ۾ تمام گهڻو لکيو آهي. کيس مذهبي ڄاڻ به سٺي هئي. مذهب جي موضوع تي به ڪجهه ڪتاب لکيائين. خاص ڪري ٻاراڻي ادب تي گهڻو لکيائين. سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
ٻاراڻو ادب: (1) شهزادو صبر ۽ سون پري (1958ع)، (2) ڪيهر شينهن جي ڌيءَ (1958ع)، (3) پـنـج ڀـيـنـرون (1958ع)، (4) دادلـو شـهـزادو (1858ع)، (5) سليماني گل جي دل (1958ع)، (6) راڻي ناز بيگم ۽ طوطا مئنا (1963ع)، (7) بيوقوف بادشاهه ۽ عقلمند وزير (1966ع)، (8) کل ۽ خوشي (1967ع) وغيره.
لوڪ ادب ۽ شاعري: (1) مومل ۽ مينڌرو (منظوم قصو: 1946ع)، (2) عمر مارئيءَ جون ٽيهه راتيون (منظوم قصو: 1955ع)، (3) سهڻي ميهار (منظوم قصو: 1964ع)، (4) پنهون '>سسئي پنهون (منظوم قصو)، (5) وڏو قصو دودو چنيسر، (6) وڏو قصو سسئي پنهونءَ جو، (7) سوزِ حقير (شاعري)، (8) سچل جو رسالو (ترتيب) وغيره.
مـخـتلـف مـوضـوعـن تي ڪـتاب: (1) مـظهـرالـحـق (مذهبيات: 1946ع)، (2) شاهه عرب (مذهبيات: 1946ع، (3) رسومات تباهي (1958ع)، (4) الف ليليٰ (چار ڀاڱا: قصو: 1961ع)، (5) سيتلا (علم صحت)، (6) عاشقانه خط عرف محبت جا گل، (7) طبي صلاحڪار،، (8) ليليٰ مجنون (قصو) وغيره.
حاجي ’حقير‘ ابن مڱڻ انتهائي خوش خلق، ملنسار ۽ سادي طبيعت جو مالڪ هو. سندس ادبي خدمتون سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هميشه ياد رهنديون.
هن 30 مارچ 1981ع تي ڳوٺ راول پهوڙ ۾ وفات ڪئي.
1901.04.18 عيسوي
حاجي ’حقير‘ ابن مڱڻ خاصخيلي 18 اپريل 1901ع تي ٽنڊي قيصر، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مشهور شاعر، اديب ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي.
1981.03.30 عيسوي
حاجي ’حقير‘ ابن مڱڻ انتهائي خوش خلق، ملنسار ۽ سادي طبيعت جو مالڪ هو. سندس ادبي خدمتون سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هميشه ياد رهنديون. هن 30 مارچ 1981ع تي ڳوٺ راول پهوڙ ۾ وفات ڪئي.