حاجي خان خشڪ

حاجي خان خشڪ

حاجي خان خشڪ

حاجي خان خشڪ: ناليواري ملھہ پهلوان خان خشڪ'>حاجي خان خشڪ 1946ع ڌاري ٽلٽي شهر، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي ميلن ۽ ملاکڙن ڏسڻ جو شوقين هو. ملاکڙن ۾ پهلوانن کي ملھہ وڙهندي ڏسي، کيس بہ شوق ٿيو. جنهن بعد هن استاد امام بخش ميربحر کان تربيت ورتي ۽ سندس نظرداريءَ هيٺ رهي کائنس ملھہ جا انگ سکيو. استاد کيس سکيا کان پوءِ شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌي ملاکڙي ۾ ملھہ وڙهڻ جي اجازت ڏني. هن پهرين علائقي جي ملاکڙن ۾ ٽئين جوڙ ۾ ملھہ وڙهڻ شروع ڪئي ۽ ٿوري عرصي اندر چڱو نالو ڪڍيائين ۽ جلدي ٻئي جوڙ ۾ پهچي ويو. ٻئي جوڙ ۾ پهچڻ بعد محمد رمضان مگسيءَ کي پنهن جو استاد ڪيائين، بعد ۾ استاد کان ڌاڳو ٻڌرائي، ٻئي جوڙ ۾ پنج سال ملھہ وڙهڻ بعد 1971ع ڌاري پهرئين جوڙ ۾ شامل ٿيو. کيس ڪافي ميڊل پڻ مليا. هن وقت عمر رسيدہ هجڻ سبب ملھہ وڙهڻ ڇڏي ڏني اٿائين.


لفظ حاجي خان خشڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو