حاجي خان لغاري (ڳوٺ): هيءُ شھر/ ڳوٺ ضلعي دادوءَ جو اهم ۽ تعلقي جوهيءَ جو وڏي ۾ وڏو شھر آهي، جيڪو جوهيءَ کان 16 ڪلوميٽر اولھہ طرف واقع آهي. هيءُ شھر هنر ۽ واپار جو مرڪز آهي. هن جي آبادي پنج سؤ گهرن کان وڌيڪ آهي. جنهن جي آدمشماري ڏهن هزارن کان مٿي ٿيندي. ڪجهہ خاندان ڪاڇي ۾ مسلسل ڏڪار پوڻ سبب هتان لڏي چڪا آهن. هن ڳوٺ ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا، جن ۾ اڪثريت لغارين جي آهي. ان کان سواءِ کوسا، سولنگي، برهماڻي، پنهور، لاکا، سومرا، چانڊيا۽ رستماڻي بہ رهن ٿا. هن ڳوٺ جا 60 سيڪڙو ماڻهو زراعت سان لاڳاپيل آهن، باقي 40 سيڪڙو نوڪرين ۾ آهن. هن علائقي جا ’پيرون‘ ڪافي مشھور آهن. عوامي شاعر محمد علي ’طالب‘ لغاري، فيصلن جو اڪابر ۽ ست راڄيءَ جو چڱو مڙس علڻ خان لغاري بہ هن ئي ڳوٺ سان واسطو رکن ٿا.