حاجي خان محمد مڱريو
حاجي خان محمد مڱريو: نامور سماج سڌارڪ خان محمد مڱريو'>حاجي خان محمد مڱريو، تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ ٽالهو جوڻيجو ۾ محمد مبين مڱريي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد غريب مالوند ماڻهو هو. سندس وڏا اصل هندستان جي ٻاڙمير واري علائقي مان انگريز دور ۾ لڏي سنڌ آيا. هي پنهنجي خاندان جو پهريون ٻار هو، جنهن تعليم جي حاصلات لاءِ قدم وڌايو. هن ڳوٺ صاڀي ۾ فقير محمد رمضان مڱريي جي مڪتب ۾ استاد عبدالغفور آريسر، مولوي علي محمد سولنگي ۽ ٻين استادن کان قرآن مجيد ۽ سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. جنهن بعد ڍوري ناري ۾ پنهنجي چاچي وٽ رهي مڊل اسڪول ۾ پڙهڻ لڳو ۽ اسڪول وقت کانپوءِ چاچي جو دڪان پڻ هلائيندو هو. هن جڏهن مڊل اسڪول مان اٺون درجو پاس ڪيو، ان ئي اسڪول کي اپ گريڊ ڪري هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو ته هن اتان مئٽرڪ پاس ڪئي. 1960ع ۾ چاچي جي وفات بعد پڙهڻ ڇڏي ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. ان وقت ڍوري ناري جي اسڪول ۾ ٿر ۽ ٻين پري وارن علائقن جا ڪيترائي شاگرد پڙهندا هئا، جن کي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جا مسئلا درپيش هئا. هن ٻين نوجوانن سان گڏجي 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سماجي تنظيم ‘اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن’ جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽفارم تان شاگردن جي کاڌخوراڪ توڙي علاج جي سلسلي ۾ سهڪار ڪندا رهيا. اڳتي هلي سرندي وارن ماڻهن کان مالي مدد حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هڙان خرچ ڪري ڏهن ڪمرن تي مشتمل هاسٽل قائم ڪرايائين، جنهن ۾ شاگردن کي مفت ۾ رهائڻ سان گڏ مفت کاڌو پڻ ڏنو ويندو هو. سندس قائم ڪيل تنظيم پاران 2000ع ڌاري تنظيم جي نالي سان پهريون پبلڪ اسڪول قائم ڪيو ويو ۽ ٿر جي ننڍن ڳوٺن ۾ انگريزي اسڪول قائم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن هاسٽل جي ضرورت نه رهي، تڏهن اتي عورتن لاءِ ‘ويم گهر’ قائم ڪيو ويو. ان تنظيم پاران شاهه لطيف لائبرري قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ اڄ به هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن. هن هڪ ٽائپنگ سينٽر قائم ڪيو، جنهن مان ڪيترن شاگردن سکيا ورتي. هن شهر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ جو بنياد پڻ رکيو. جنهن لاءِ تنظيم پاران آفيس پڻ قائم ڪئي وئي. سيد غوث علي شاهه جي وڏ وزارت واري دور ۾ سوشل ويلفيئر کاتي پاران هڪ ڪانفرنس ۾ تنظيمن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي انعام ورهايا ويا، تڏهن سندن تنظيم وڏي وزير هٿان سنڌ ۾ سماجي ڪمن جي حوالي ٻيو نمبر انعام حاصل ڪيو. هن تنظيم پاران شاگردن جي اتساهه لاءِ ساليانو انعام ورهائڻ واري تقريب پڻ ڪوٺائي ويندي هئي. هي زڪوات ۽ عشر ڪاميٽي ضلعي ٿرپارڪر (عمرڪوٽ، ميرپورخاص، مٺي گڏيل ضلعو) جو چيئرمين رهيو، ان کان سواءِ ٽائون ڪاميٽي ڍوري ناري جو چيئرمئن پڻ رهيو. جنهن دوران ڍوري ناري ۾ بس اسٽينڊ ۽ شاپنگ سينٽر ٺهرايائين.
هن ڪيترن ئي غريب شاگردن کي پنهنجي گهر ۾ رهائي، ذاتي خرچ تي پڙهايو، جيڪي وڏن عهدن تي رهي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. ان کان سواءِ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول، روڊ، بجلي ۽ اسپتالون قائم ڪرايائين. ڪيترن ئي ڳوٺن جي مسجدن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارڙن جي تعليم ۽ مسجدن جي اڏاوتن لاءِ مالي مدد ڪندو رهيو. آخري عمر ۾ ڳوٺ جي مسجد ۾ قرآن مجيد جي تعليم پڻ ڏيندو هو. سندس سياسي تعلقات تمام وسيع هئا. عالمن، اديبن، سماج سڌار ماڻهن ۽ استادن سان گهڻي ويجهڙائي رکندو هو. پاڻ علائقي ۾ امين جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو. مقامي سطح تي اڪثر فيصلا سندس نگراني ۾ ٿيندا هئا.
هن 17 مئي 1997ع تي ڇور شهر جي جامع مسجد ۾ نماز پڙهندي وفات ڪئي. سندس مزار ڍوري ناري ڀرسان ڳوٺ ۾ ڪمال فقير قبرستان ۾ آهي.