حاجي خميسو خان ميمڻ

حاجي خميسو خان ميمڻ: حاجي خميسو خان ولد گل محمد خان 1900ع ڌاري دڙي، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ زمينداري سنڀالڻ لڳو. اڳتي هلي اريگيشن کاتي ۾ ننڍا ننڍا ٺيڪا کڻڻ لڳو، جنهن مان پنھنجي مالي حالت کي بهتر ڪيائين. هن جا سيٺ حاجي محمد جعفر خواجا ۽ سيد عبدالرحيم شاھہ سجاوليءَ سان ويجها دوستاڻا لاڳاپا رهيا. هن پنھنجي سياست مقامي سطح کان شروع ڪئي، پوءِ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ ڪافي وقت تائين ميمبر رهيو. اڳتي هلي بمبئي ليجسليٽِو ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ ڪائونسل ۾ پنھنجي علائقي جي نمائندي طور زميندارن جي حالت سڌارڻ لاءِ آواز اٿاريائين. هن جي مدد ۽ ڪوشش سان ڪراچي ضلعي جي زميندارن ۽ آبادگارن جي ايسوسيئيشن جو بنياد پيو. 1925ع ۾ حاجي خميسو خان ضلعي ڪائونسل ۾ وائيس پريزيڊنٽ ٿيو. هن 17 فيبروري 1929ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.02.17  عيسوي

حاجي خميسو خان ميمڻ 17 فيبروري 1929ع تي گذاري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

کيمچند شرما
عبدالقادر منگي
گل محمد ڪلھوڙو
بلوچ سرور
جانڻ فقير
قمرالدين چانڊيو
غزالا رفيق
نعيمه تيجاڻي
شاھہ محمد نابينا
درويش پنيو ناريجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون