حاجي سعدالله ‘سپاهي’ ابڙو: شاعر ۽ اديب حاجي سعدالله ابڙي، ستين جنوري 1925ع تي نصرپور شهر جي ابڙا محلي ۾ گل محمد ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. 1937ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين.1943ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪيائين. ٽيچرس ٽريننگ اسڪول سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پڙهائيندو رهيو. اڳتي هلي سيڪنڊري استاد مقرر ٿيو، ٽنڊي الهيار ۽ سلطان آباد هاءِ اسڪول ۾ هيڊماستر پڻ رهيو. کيس شروع کان علم ادب سان چاهه هو. 1941ع کان شاعري جي شروعات ڪيائين. شاعري ۾ ‘سپاهي’ تخلص استعمال ڪندو هو. شاعري جي اصلاح استاد علي محمد ‘عاجز’ ميمڻ کان ورتائين. اڳتي هلي نثر ۾ لکڻ لڳو. ادبي ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ ذوق شوق سان حصو وٺندو هو. سندس شاعري، مضمون ۽ مقالا، ان وقت جي معياري رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا. سورة ‘الرحمان’ جي منظوم ترجمي تي مشتمل سندس هڪ ڪتاب ‘عروس القرآن’ جي نالي شايع ٿيل آهي. جڏهن ته سندس هڪ تاريخي ناول ‘گل بهار عرف ٻه معصوم مکڙيون’ ۽ ناٽڪ جي صنف ۾ ٻه ڪتاب ‘ٽيپو سلطان’ ۽ ‘ريفرنڊم’ قلمي صورت ۾ پونيئرن وٽ، سندس قائم ڪيل ڪتبخاني ۾ محفوظ آهن.
هن 23 جون 1997ع تي وفات ڪئي.
1925.01.07 عيسوي
شاعر ۽ اديب حاجي سعدالله ابڙي، ستين جنوري 1925ع تي نصرپور شهر جي ابڙا محلي ۾ گل محمد ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو.
1997.06.23 عيسوي
حاجي سعدالله ابڙي 23 جون 1997ع تي وفات ڪئي.