حاجي سيد محمد يعقوب

حاجي، سيد محمد يعقوب: سيد محمد يعقوب'>حاجي سيد محمد يعقوب جو جنم 27 ذوالحج 1294ھہ مطابق 2 جنوري 1878ع ڌاري سيد قمر الدين جي گهر ۾ ٿيو. سندس تعلق شاديزئي قبيلي سان هو. هيءُ چئن سالن جو هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو. والدہ کيس ڳوٺ جي ديني مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي هڪ سال جي پڙهائيءَ دوران سندس والدہ انتقال ڪري وئي. ان کانپوءِ هيءُ ٻارهن سالن تائين ان ئي مدرسي ۾ پڙهندو رهيو. هن مختلف مدرسن جھڙوڪ : دهليءَ جي ”مدرسہ نعمانيه“ ۾ حضرت مولانا پردل کان ۽ جامعيه قاسميه دارالعلوم ديوبند ۾ حضرت مولانا محمود الحسن کان تعليم حاصل ڪئي، جتي مولانا شبير احمد عثمانيءَ سان گڏ سندس بہ دستاربندي ڪئي ويئي. علم جي تحصيل کانپوءِ هن پنھنجي اباڻي ڳوٺ لاڄون ۾ ”ضياء العلوم مدرسي“ جو بنياد رکيو. سندس لکيل ڪتابن ۾: (1) ’مرآة المفاتيح عليٰ مسڪوة المصابيع‘، (2) ’سعادة الدارين عليٰ تفسير جلالين‘، (3) ’فتع الغني عليٰ تفسير الحسيني‘، (4) ’ضياء المضئي المرضي عليٰ قاضي مبارڪ‘، (5) ’ماول علي المطول‘، (6) ’وافـيه علـي الڪافيه‘، (7) ’عـلـم علي السيلم‘، (8) ’لالي علي الخيالي‘، (9) ’مستغني علي شرح چعمني‘، (10) ’منادي عليٰ زرادي‘، (11) ’ظرف طلائي عليٰ صرف بھائي‘، (12) ’ترڪيب ماة عامل‘، (13) ’مخرن النجاح‘، (14) ’مجمو عھ شروح‘، (15) ’رساله عروض‘، (16) ’رساله ميراث‘، (17) ’رساله قوانين صرف‘، (18) ’رساله قرات‘، (19) ’نورالحقيقه‘، (20) ’رساله خطہ و ڪتابت‘، (21) ’رساله قواعد فارسي‘، (22) ’مجموعه بينظير‘ ۽ (23) ’مرغوب القلوب ديوان محمد يعقوب‘ قابل ذڪر آهن. حاجي سيد محمد يعقوب 12 ذو الحج 1372ھہ/ 23 آگسٽ 1953ع تي وفات ڪئي.


لفظ حاجي سيد محمد يعقوبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.01.02  عيسوي

حاجي سيد محمد يعقوب جو جنم 27 ذوالحج 1294هه مطابق 2 جنوري 1878ع ڌاري سيد قمر الدين جي گهر ۾ ٿيو.


1953.08.23  عيسوي

حاجي سيد محمد يعقوب 12 ذو الحج 1372هه/ 23 آگسٽ 1953ع تي وفات ڪئي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين شاھہ ڪاڇيلاڻي
راڄو درويش
عيسو سوائي
رڪن الدين ٺٽوي مخدوم
خوات بن جبير ؓ
خالد بن يزيد
خواجہ شيخ عبداللطيف لنواريءَ وارو
علي ابن ابي طالب عليہ السلام
ذڪريا شاھہ
خضر عليہ السلام
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون