حاجي شاهه محمد بلوچ

حاجي شاهه محمد بلوچ: شاهه محمد بلوچ'>حاجي شاهه محمد بلوچ 3 مئي 1939ع تي ڳوٺ مڏ باهو، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي (لائبريري سائنس) ۽ ايم. اي (سنڌي) جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ لائبريرين طور پيشوراڻي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. سندس ڪيترائي ڪتاب هن وقت تائين ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن جن ۾: ’عڪس جمال مصطفيٰصه‘ (نثر)، ’محبوب سروري بحيثيت نثر نويس‘ (نثر) ’ڪلام محبوب سروري‘، ’حيات قلندررحه‘،’ڪتبخانن جو انتظام‘، ’تقريرن جو فن‘، ’وڏن ماڻهن جو عشق‘ ۽ ’مسلمان قبيلن جو مختصر تاريخي’ ۽ روايتي خاڪو سميت ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. شاهه محمد بلوچ'>حاجي شاهه محمد بلوچ حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ حاجي شاهه محمد بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.05.03  عيسوي

حاجي شاهه محمد بلوچ 3 مئي 1939ع تي ڳوٺ مڏ باهو، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امو کٽي
محمد يوسف سڪندري ڀنڀرو
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
حسين علي حسين مرزا
ايشوريا راءِ
پاٽائي عبدالوحيد صديقي
ڄام سَپڙُ
رستم ۽ سهراب1
حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي
انور پيرزادو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون