حاجي شھمير ٽالپر: حاجي شھمير ٽالپر ولد سليمان ٽالپر جو تعلق ميرن جي بهاراڻي شاخ سان آهي. هيءُ سلطان الاولياءَ خواجہ محمد زمان لنواري شريف واري جي اهم خليفن مان هو ۽ سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ شھيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو خاص صحبتي هو. ان کان سواءِ شاھہ لطيف جي صحبتي مخدوم ميان صابر ولهاريءَ جو بہ خاص عقيدتمند هو. اهو ئي سبب هو جو ولهاري بزرگن جي صحبت کيس ڇڪي اچي ولهار جا وڻ ڏيکاريا. ميان صابر ولهاري، ميان معروف ولهاري ۽ ميان مقبول ولهاري، پڻ نقشبندي سلسلي جا هئا. سندس آخري آرامگاھہ ميين معروف جي قبن جي ڏکڻ اولھہ طرف چند قدمن تي آهي، سندس مزار تي مقبرو اڏيل نہ آهي. سندس مزار پٿر جي پڪي بلاڪ جي ٺهيل آهي، جنهن جي سيرانديءَ کان ڪلمه طيب ۽ پيرانديءَ کان فارسيءَ ۾ هيٺيون ڪتبو اڪريل آهي:
”مقبره حاجي شھمير ٽالپر، تاريخ 11 ماھہ، شوال سن 1200ھہ“.