حاجي عبداللطيف شاھہ قادري

حاجي عبداللطيف شاھہ قادري: شڪارپور جو هيءُ صوفي بزرگ، فقير علويءَ جو دوست هو. جڏهن فقير الله، شڪارپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي. تڏهن شروع ۾ شھر کان ٻاهر لکيدر جي ڏکڻ طرف هڪ خانقاھہ جو بنياد رکيائين ۽ ڀرسان ئي هڪ مسجد بہ تعمير ڪرايائين. جيڪا پوءِ اڳتي هلي ’حاجي فقير علويءَ جي لکيدر واري مسجد‘ جي نالي سان مشھور ٿي. شھر ۾ قيام کان پوءِ حاجي صاحب جي مرضي هئي تہ کيس وفات کان پوءِ اتي ئي دفن ڪيو وڃي، سندس هڪ پيارو ۽ هم مشرب دوست حاجي عبداللطيف شاھہ قادري وٽس اچي مهمان ٿيو ۽ قضا الاهيءَ سان بيمار ٿي پيو ۽ گذاري ويو. ان وقت حاجي شاھہ فقير علوي ان حديث شريف تي عمل ڪيو تہ مؤمن اهو آهي جيڪو پنھنجي ڀاءُ ۽ دوست لاءِ بہ اهو پسند ڪري، جيڪو پنھنجي لاءِ پسند ڪري، ان ڪري پنھنجي وصيعت واري جاءِ تي پنھنجي دوست کي دفن ڪرايائين. مقامي ماڻهن ۾ هي صوفي بزرگ شاھہ قادريءَ جي نالي سان مشھور آهي. هيءُ صوفي منش، نهايت نيڪ، عابد زاهد ۽ تصوف جي رنگ ۾ رڱيل صاحب معرفت انسان هو. سندس مزار اڄ بہ عام ماڻهن جي توجھہ جو خاص مرڪز آهي.


لفظ حاجي عبداللطيف شاھہ قادريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو