حاجي عبدالله مولوي

حاجي عبدالله، مولوي: ناميارو عالم ۽ شاعر مولوي حاجي عبدالله ولد رمضان سومرو ڳوٺ جوناڻي، تعلقي وارھہ، ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ جو رهاڪو هو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ جوناڻي جي مولوي حاجي پير محمد قريشيءَ کان حاصل ڪئي. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم روهڙي مان حاصل ڪيائين. سندس ڪلام مدحن، مناجاتن، قصيدن، ڪافين، بيتن ۽ ڏوهيڙن تي مشتمل آهي. هن جي ڪلام ۾ نصيحت ڀريا نقطا، تصوف ۽ وحدانيت ۾ حسن ۽ عشق جا ڪردار نمايان نظر اچن ٿا. پاڻ هڪ عالم سان گڏ فنڪار بہ هو ۽ پنهن جو ڪلام پاڻ ڳائيندو بہ هو. سندس ڪلام موسيقيءَ جي لئہ سان سرشار آهي. سندس شاعريءَ مان ڪافيون (قلمي بياض) 1328ھہ/ 1910ع ۾ شايع ٿيل آهن.
مولوي حاجي عبدالله 1940ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو