حاجي عبدالله ڊکڻ: حاجي عبدالله ولد محمد فقير سومرو، ڳوٺ الهرکيي جلباڻي، تعلقي وارهه ۾ 1870ع ڌاري پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد عربي، فارسي ۽ سنڌي پڙهيو. کيس جوانيءَ ۾ ئي موسيقي ۽ شعر و شاعريءَ جو تمام گهڻو شوق ۽ شغف هو. عبدالله ڊکڻ، ڳوٺ ٻٽ سرائي، تعلقي ميهڙ وارن راشدي پيرن مان شاهه محي الدين جو مريد هو. لاڙڪاڻي شگر مل لڳ پير جي ڳوٺ وارن راشدي پيرن ۽ ڳوٺ گهٽڙ، تعلقي قنبر وارن جو معتقد هو ۽ وٽن حاضريون ڀريندو هو. هن لوڪ شاعريءَ جي اڪثر صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
سندس ڪلام جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي. جنهن مان ڪجهه حصو سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب سهيڙڻ واري اسڪيم هيٺ شايع ٿيل لوڪ ادب سلسليوار ڪتابن جهڙوڪ: معجزا، مناقبا، هفتا، ڏينهن، راتيون، مدحون، مناجاتون ۽ ٽيهه اکريون وغيره شايع ٿيل آهي. ان کان سواءِ سندس ٻيو ڪيترو ئي ادبي مواد مختلف ادبي رسالن ۽ مخزنن ۾ به شايع ٿيل آهي. شاعريءَ ۾ ’عبدالله‘، ’ڊکڻ‘ ۽ ’لنگهو‘ تخلص استعمال ڪندو هو. کيس سنڌ جي قادر الڪلام شاعرن جي صف ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هيءُ 1930ع ڌاري وفات ڪري ويو. اهڙو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪتاب ’هفتا ڏينهن ۽ راتيون‘ ۾ ڪيو آهي. سندس ’هڪ هفتو‘ نظم مان هڪ بند ڏجي ٿو:
سومر ڏينهن سڪان ۽ ساريان،
مارن لئي هنجون ٿي هاريان،
ماڙين منجھه گھڙيون ڪيئن گھاريان،
ڀانيان آتش جا آڙاهه،
مارو مٺڙا ميڙ الله.