حاجي غلام حسين ميمڻ

حاجي غلام حسين ميمڻ: سنڌ جي نامياري سياسي ۽ سماجي ڪارڪن حاجي غلام حسين ولد حاجي سکيي ميمڻ، 12 فيبروري 1949ع ڌاري ضلعي ٺٽي جي شهر گُجي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي شهر گجي مان پرائڻ کانپوءِ حديث، فقھ ۽ ديني تعليم ٺٽي شهر جي مختلف مدرسن مان حاصل ڪئي. کيس پنهنجي والد وانگر سماجي ۽ عوامي خدمتن جو شوق هو، جنهنڪري بلدياتي سياست ۾ دلچسپي ورتائين ۽ 1989ع ۾، 29 سالن جي عمر ۾ يونين ڪائونسل گجي جو چيئرمئن چونڊيو ويو. ٿوري ئي عرصي ۾ ٺٽي ضلعي جي اهم سماجي ۽ سياسي شخصيت بڻجي ويو. هن اعتدال پسند پاليسين، ڪردار ۽ گفتار جي پارسائي ۽ نرم مزاجيءَ ڪري آفيسرن توڙي عوام ۾ بيحد مقبوليت ماڻي ورتي ۽ 1984ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو بنا مقابلي چيئرمئن چونڊجي ويو. ان کان سواءِ مختلف وقتن تي جسٽس آف پيس، سب ڊويزنل ڪرائيم ڪميٽيءَ جو ميمبر، سب ڊويزنل سوشل ويلفيئر ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ اسپيشل مئجسٽريٽ آف پرائز به رهيو. 1986ع جي بلدياتي چونڊن ۾ ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ چيئرمئن جي حيثيت سان پنهنجي ڳوٺ ۾ بجلي، هاءِ اسڪول، بيسڪ هيلٿ يونٽ، واٽر سپلاءِ گرلس اسڪول قائم ڪرائڻ سان گڏ ۽ ٻيا ڪم به ڪيائين. هن 19 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي.


لفظ حاجي غلام حسين ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.02.12  عيسوي

سنڌ جي نامياري سياسي ۽ سماجي ڪارڪن حاجي غلام حسين ولد حاجي سکيي ميمڻ، 12 فيبروري 1949ع ڌاري ضلعي ٺٽي جي شهر گُجي ۾ جنم ورتو.


2000.03.19  عيسوي

هن 19 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي محمد مست نقشبندي
ڪريم بخش چنا
جسو ۽ جسراج
تيرٿ وسنت
امجدي بانو
رحيم بخش قريشي
راما ٻائي
بدر سومرو
صالح بيگ مرزا ترخان اول
خليفو احمد خان نظاماڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون