حاجي غلام حسين ميمڻ

حاجي غلام حسين ميمڻ: سنڌ جي نامياري سياسي ۽ سماجي ڪارڪن حاجي غلام حسين ولد حاجي سکيي ميمڻ، 12 فيبروري 1949ع ڌاري ضلعي ٺٽي جي شھر گُجي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي شھر گجي مان پرائڻ کانپوءِ حديث، فقھ ۽ ديني تعليم ٺٽي شھر جي مختلف مدرسن مان حاصل ڪئي. کيس پنھنجي والد وانگر سماجي ۽ عوامي خدمتن جو شوق هو، جنهنڪري بلدياتي سياست ۾ دلچسپي ورتائين ۽ 1989ع ۾، 29 سالن جي عمر ۾ يونين ڪائونسل گجي جو چيئرمئن چونڊيو ويو. ٿوري ئي عرصي ۾ ٺٽي ضلعي جي اهم سماجي ۽ سياسي شخصيت بڻجي ويو. هن اعتدال پسند پاليسين، ڪردار ۽ گفتار جي پارسائي ۽ نرم مزاجيءَ ڪري آفيسرن توڙي عوام ۾ بيحد مقبوليت ماڻي ورتي ۽ 1984ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو بنا مقابلي چيئرمئن چونڊجي ويو. ان کان سواءِ مختلف وقتن تي جسٽس آف پيس، سب ڊويزنل ڪرائيم ڪميٽيءَ جو ميمبر، سب ڊويزنل سوشل ويلفيئر ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ اسپيشل مئجسٽريٽ آف پرائز بہ رهيو. 1986ع جي بلدياتي چونڊن ۾ ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ چيئرمئن جي حيثيت سان پنھنجي ڳوٺ ۾ بجلي، هاءِ اسڪول، بيسڪ هيلٿ يونٽ، واٽر سپلاءِ گرلس اسڪول قائم ڪرائڻ سان گڏ ۽ ٻيا ڪم بہ ڪيائين. هن 19 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي.


لفظ حاجي غلام حسين ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.02.12  عيسوي

سنڌ جي نامياري سياسي ۽ سماجي ڪارڪن حاجي غلام حسين ولد حاجي سکيي ميمڻ، 12 فيبروري 1949ع ڌاري ضلعي ٺٽي جي شهر گُجي ۾ جنم ورتو.


2000.03.19  عيسوي

هن 19 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عباسي ايس ايم
ڀٽي نظام الدين
اسماعيل فقير سمون
خدابخش مري جسٽس
بدر سميجو
شيخ محمد سنڌي
روهن سپي
شورو ڄام خان
پير غلام رسول شاھہ جيلاني
انور علي شاھہ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون