حاجي غلام عباس شاھہ باجارا

حاجي غلام عباس شاھہ باجارا: سيد حاجي غلام عباس شاھہ باجارا، 1901ع ڌاري ڳوٺ باجارا، تعلقي سيوهڻ ۾ ڄائو. هيءُ سنڌ جي مشھور لڪياري سادات جي رڪن الدين پوٽا خاندان مان هو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ باجارن مان حاصل ڪئي. انگريزيءَ جي تعليم سيوهڻ جي اسڪول مان حاصل ڪيائين. ڪيترن ئي ديني مدرسن جي مالي امداد کان سواءِ ڪيترن ئي غريب بيواهن جي مالي مدد بہ ڪندو هو. هن سياسي زندگي جي شروعات لوڪل بورڊ جي ميمبر جي حيثيت سان ڪئي. بعد ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪبورڊ دادو جو ميمبر منتخب ٿيو. هيءُ پنھنجي ڳوٺ باجارا جي سينيٽري ڪاميٽي جو چيئرمئن، يونين ڪائونسل جهانگارا ۽ تعلقي ڪائونسل سيوهڻ جو ميمبر بہ رهيو. عوامي خدمتن جي اعتراف ۾ گورنر بمبئي، گورنر سنڌ ۽ ڪليڪٽر دادو طرفان کيس سرٽيفڪيٽ ۽ تلوار جو انعام مليو. هيءُ جي. ايم. سيد ۽ سيد جيئندل شاھہ جو همعصر هو. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ سنڌ حڪومت 1953ع ۾ کيس ’جسٽس آف پيس‘ مقرر ڪيو.
هن 15 جون 1979ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو