حاجي غلام نبي شاھہ

حاجي غلام نبي شاھہ: حاجي غلام نبي شاھہ ولد سيد موج علي شاھہ لڪياري سيدن جي پاڙي مان هو. سندس والد ٿرپارڪر ضلعي جو زميندار هو. حاجي غلام نبي شاھہ، 1924ع ڌاري ضلعي لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جو صدر ۽ ساڳئي سال، بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. ان حيثيت سان سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ تائين ميمبر رهندو آيو. ان کان پوءِ آخر تائين سنڌ اسيمبليءَ جو آزاد ميمبر رهيو. سندس سرڪاري عملدارن سان سٺا تعلقات هئا، ان ڪري کيس پهرين صاحب ۽ پوءِ خانبهادر جا خطاب مليا. حاجي غلام نبي شاھہ ڪيترا سال ميرپورخاص زمينداري بئنڪ جو چيئرمئن ۽ سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ جو ڊائريڪٽر رهيو.
هن 9 شعبان 1366ھہ مطابق 26 جون 1947ع تي وفات ڪئي.


لفظ حاجي غلام نبي شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو