حاجي محمد ابراهيم دَل

حاجي محمد ابراهيم دَل: حاجي محمد ابراهيم دل جي پيدائش ڳوٺ سومار دَل ۾ 1860ع ڌاري ٿي. ابتدائي تعليم ڳوٺ سيد احسان شاھہ ۾ مولانا محمد علي پٺاڻ کان ورتائين، پوءِ پهرئين ڳوٺ سومار دَل ۾ ديني مدرسو قائم ڪري اتي پڙهايائين، حاجي ابراهيم دل ڪيترائي دفعا پنڌ حج ڪيا ۽ آخري حج بہ پنڌ ڪرڻ ويو، جنهن دوران وفات ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس مثنوي ’عمر مارئي‘ (1932ع) ڌاري ممبئي مان ڇپي. سندس ساڳي مثنوي 1954ع ۾ سردار لطف علي دل ڇپائي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو